مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم سان ملاقات، پانامه ڪيس بابت ڳالهيون، حمايت جي خاطري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف سان جي يو آءِ ف جي سربراهه ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ پاناما ليڪس ڪيس تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات دوران ڪي پي ۾ ترقياتي رٿائن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ملاقات دوران مخالف ڌر جي کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان وزيراعظم  جي ڀرپور حمايت ڪرڻ جو عزم ورجايو. ٻنهي اتفاق ڪيو ته وزيراعظم مخالف ڌر جي ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *