مولانا فضل الرحمان۽ پير پاڳاري جي ملاقات، سعودي فوج موڪلڻ کان اڳ اي پي سي گهرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوج موڪلڻ کان اڳ حڪومت فوري طور آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ته جيئن سياستدان گڏجي ويئي ملڪي مفاد جي حوالي سان ڪوئي حل ڳولي سگهن پر حرمين شريفين تي سڌي طرح حملي جون ڳالهيون ڪندڙن کي پنهنجي حد ۾ رهڻ گهرجي ڪوئي اهڙو عمل نه ڪن جنهن سان مسلم قوم جا جذبا مجروح ٿين مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صبغت الله راشدي پيرپاڳارو چيو ته مولانا فصل الرحمان سان ملاقات ملڪي ۽ عالمي حالتن جي سلسلي ۾ نتيجا خيز ۽ تسلي بخش رهي انهن جو تجزيو منهنجي لاءِ علائقاي ۽ عالمي حالتن لاءِ نهايت اهميت وارو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي پير پاڳاري جي رهائشگاهه راجا هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ان موقعي تي پير صدرالدين شاهه راسدي ڪامران ٽيسوري جي يو آءِ (ف) جو اڳواڻ قاري محمد عثمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا مولانا فضل الرحمان پير صاحب جي دعوت تي سندس رهائشگاهه راجا هائوس مانجهاندي ۾ پهتو ۽ ملاات ڪئي هي ملاقات اٽڪل اڍائي ڪلاڪن تائين ٿي ملاقاتن کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو تها سان جو پاڻ ۾ محبت جو رشتو آهي منهنجو ۽ ان جو والد پاڻ ۾ دوست هئا ۽ محبت واري هن رشتي کي اڃا به جاري رکيو آهي اسان وڏڙن جي هن روايت کي جاري رکڻ چاهيون ٿا هن چيو ته منهنجي گذريل ڏينهن آصف علي زرداري ۽ اڄ پير صاحب پاڳاري سان ملاقات جيتوڻيڪ ڪنهن خاص ايجنڊا جو حصو نه آهي پر موجوده حالتن ۾ نهايت اهم آهي مان خود هي ڪوشش ڪئي آهي تها ن سان ملاقات ڪري صورتحال تي ڳالگهه ٻولهه ڪئي وڃي ته جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿي سگهي هن وقت ملڪ خراب حالتن مان لنگهي رهيو آهي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا عقيدت ۽ احترام ڀائپي ۽ تاريخي آهن جن کي اسان ڪڏهن به فراموش نٿا ڪري سگهون سعودي عرب اسان جي هر آزمائش تي اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اسان به پورا لهون ٿا هن چيو ته عربن جي گڏيل معاهدي جي نتيجي ۾ جيڪو به فيصلو ٿيو ان کي خود ڪرڻ ڏنو وڃي ڪجهه ماڻهو بي احتياط ٿي ڳالهين ٿا ۽ حرمين شريفن کي نشانو بنائڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا مان انهن ماڻهن کي چوان ٿو ته اهي احتياط ڪن ۽ حد ۾ رهن اهڙي طرح مسلم قوم جا جذبا مجروح ٿيندا اسان کي ڪوئي اهڙو عمل نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اسلامي دنيا کي تڪليف اچي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي امن ۽ سلامتي ۽ ڀائپي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ اهڙي طرح اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايتري قدر سعودي عرب پاڪستاني فوج موڪلڻ جو معاملو آهي ته هي ايترو آسان نه آهي حڪومت کي به جلدبازي بدران مشاورت سان ڪم ڪرڻُ پوندو اسان کي سعودي عرب سان پنهنجن عقيدت ۽ احترام ۽ پاڙي جي لاڳاپن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو پاڪستان اسلامي دنيا جو سڀ کان اهم ۽ 20 ڪروڙ مسلمانن جو ملڪ آهي پاڪستان کي انهن مشڪل حالتن ۾ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پاڪستان کي ڪوئي به فيصلو ڪرڻ وقت احتاط سان ڪم وٺڻو پوندو افغانستان جي مسئلي تي اسان ڪافي سالن کان هن وقت تائين ڦاٿل آهيون ۽ ٻاهر نه نڪري سگهيا آهيون. ايندڙ هفتي وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي ته ان اشو تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿيندي ان موقعي تي پير صاحب پاڳارو چيوت ه مولانا فضل الرحمان منهنجي گهر آيو هي ان جي وڏي مهرباني آهي 2 کان اڍائِ ڪلاڪ ملاقات ٿيندي رهي هن ملاقات ۾ پاڪستان جي اندروني ۽ عالمي حالتن تي ڳالهه ٻولهه ٿي مولانا فضل الرحمان حالتن تي جيڪو تجويزو ڪيو آهي مان ان سان متفق آهيان ته ان جو تجزيو موجودن حالتن جي عين مطابق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *