مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم کي ايم ڪيو ايم جي مطالبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم کي ايم ڪيو ايم جَي مطالبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته متحده ڪراچي آپريشن جَي خلاف ناهي ۽ اهي مطالبا تسليم ٿيڻ جي صورت ۾ اسيمبلين ۾ واپس اچڻ لاءِ تيار آهن. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري متحده سان ٿيل ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي متحده جي مطالبن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته رشيد گوڊيل تي حملي سبب ڳالهين ۾ هڪ ڏينهن جي دير ٿي. هـُن چيو ته هر جماعت کي خدشا پيش ڪرڻ جو حق آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي آپريشن تي ڪو به اعتراض ناهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته متحده مطالبا تسليم ٿيڻ جي صورت ۾ استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ هاڪاري رويو ڏيکاريو آهي، جڏهن ته ڳالهين جو ايندڙ مرحلو اسلام آباد ۾ ٿيندو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو سياسي استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکندو….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *