مورو ۾ هڪ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو قتل، سندس نياڻي اغوا

مورو(رپورٽر) مورو ڀرسان پراڻا جتوئي ۾ ھڪ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو زال مڙس قتل معصوم ننيگري اغوا جوابدار فرار خبر موجب ھڪ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان رورل ھيلٿ سينٽر نوان جتوئي جي ڊسپينسر اميد علي قمبراڻي ۽ ھيلٿ ورڪر ناري فرزانا مستوئي پنھنجي معصوم ننيگري دلڪش سان گڏ پنھنجي ڳوٺ پراڻا جتوئي کان ڪيري ۾ نوان جتوئي ھيلٿ سينٽر اچي رھيا ھئا ته نوان جتوئي جي شيخ محله وٽ ڪار ۾ سوار چار ھٿيار بندن ڪيري کي روڪي ھٿيار بندن گوليون ھڻي زال مڙس اميد علي قمبراڻي ۽ فرزانا مستوئي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا ۽ سندن ستن سالن جي ڌي معصوم ننيگري دلڪش کي اغوا ڪري ويا ۽ جوابدار ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا قتل کان پوءِ نوان جتوئي ۽ آس پاس جي علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو خبر پوڻ تي سندس وارث ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻھو قتل واري ھنڌ پھتا اطلاع ملڻ تي حد جي نوان جتوئي پوليس پھتي زال مڙس جي لاشن کي نوان جتوئي رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو بعد ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال مورو آندا جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا لاش سندس ڳوٺ پراڻا جتوئي گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ياد رھي ته ناري فرزانا ذات جي مستوئي آھي ۽ ھن جي پھريان به شادي ٿيل ھئي ان وقت ٻنھي زال مڙسن جي سيٽنگ نه ٿيڻ ڪري ھن نوجوان اميد علي قمبراڻي سان پسند جي شادي ڪئي ھئي فرزانا مستوئي کي اڳين مڙس مان ھڪ ستن سالن جي نياڻي دلڪش پڻ آھي جنھن کي قتل ڪندڙ جوابدار اغوا ڪري ويا آھن نوجوان اميد علي قمبراڻي اصل پراڻا جتوئي جو رھواسي آھي ۽ ناري فرزانا مستوئي اصل ھتان  جي رھواسڻ آھي ۽ ھن جو گھر نوابشاھ پڻ آھي ناري جا عزيز نوان جتوئي پڻ ويٺل آھن آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿيو آھي ھن شادي مان ناري فرزانا جا مائيٽ رازي نه ھئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *