مورو لڳ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي ۾ فوت، وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

مورو(رپورٽر) مورو ڀرسان ڳوٺ گولو پوٺو ۾ ھٿيار بندن ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان محمد خان ابڙو زخمن جا سور نه سھندي ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو نوجوان جي وفات جي خبر ٻڌندي ابڙا برداري سميت آس پاس جي ڳوٺاڻن مورو شھر جي شھرين ۾ گم ۽ غصي جي لھر ڇائنجي وئي جنھن کان پوءِ ابڙا برداري جي سوين ماڻھن مقتول جي پيءُ وڏيرو علي محمد ابڙو ۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن مورو شھر جي سياسي سماجي علمي ادبي ۽ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري مورو باءِ پاس تي ٽائر ساڙي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنھن سبب ٻنھي طرفن کان ٽريفڪ معطل رھي ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر رئيس مسرور احمد جتوئي ، پ پ تعلقه صدر سڪندر خان ڪورائي ،ڪامران بھڻ، سردار شبير احمد ابڙو ڊاڪٽر مظھر ڪلھوڙو سميت ٻين سياسي سماجي شخصيتن ھمدردي طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر مسرور خان جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي نوشھروفيروز جو امن امان مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آھي ۽ انتظاميه عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي ٻئي طرف صحافين سان ڳالھائيندي مقتول جي پيءُ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ وڏيرو علي محمد ابڙو چيو ته اسان سان وڏو ناحق ۽ ظلم ٿيو آھي ٻه ڏينھن پھريان منھنجي گھر ۾ ڪجھ ھٿيار بند گھڙي اسان تي حملو ڪيو حملي دوران انھن ڪونداڪ ھڻي مون کي زخمي ڪري وڌو مون کي زخمي ڏسي منھنجي پٽ محمد خان ابڙو ھٿيار بندن سان مذاحمت ڪئي جنھن دوران ھٿيار بندن منھنجي پٽ کي سڌا بسٽ ھڻي شديد زخمي ڪري وڌو جنھن ڪري ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھو ۽ اڄ منھنجو پٽ فوت ٿي چڪو آھي ھن چيو ته ھتان جي پوليس اسان سان ڪو به انصاف نه ڪري رھي آھي منھنجي گھر ۾ داخل ٿيندڙ ڦورن خلاف پوليس ڪو به ڪيس نه وٺي رھي آھي ۽ پوليس ڦورن جي ڌر بڻيل آھي ان موقعي تي  ٻين پڻ بيگناھ قتل ٿيندڙ محمد خان ابڙو جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪندي چيو ته حڪمران جماعت جا ڪجھ ماڻھو ڦورن جي سرپرستي ڪري رھيا آھن جنھن ڪري مذڪوره خاندان سان انصاف ۾ دير ٿي رھي آھي متاثرين ٿيندڙن سان جيستائين انصاف نه ٿيندو تيستائين اسان متاثرين ٿيندڙ خاندان سان گھر مرحلي ۾ گڏ آھيون  جسقم اڳواڻ آصف راھوجو،امين ڪلھوڙو،ايس يو پي اڳواڻ راجا ڪورائي،پ پ اڳواڻ عطا محمد ابڙو،شھيد ڀٽو اڳواڻ اصغر عالماڻي ۽ ٻيا پڻ ڌرڻي ۾ شريڪ ھئا  ڌرڻي دوران ڪمشنر بينظير آباد ڊاڪٽر وسيم احمد ، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ابرار احمد جعفر ، ڊي ايس پي مورو يار محمد رند ۽ ٻين عملدارن پھچي مقتول جي وارثن سان ملاڪات ڪري کين انصاف جو يقين ڏياريو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ جو احد ڪيو جنھن بعد مقتول جي وارثن ڌرڻو ختم ڪيو ۽ لاش کڻائي اباڻي ڳوٺ روانا ٿيا جتي مقتول نوجوان کي سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *