مودي جي هجڻ سان پاڪستان تي حملن، والاريل ڪشمير تي ظلم وڌي ويا، گڏيل قومون ڪشميرين کي حق خود اراديت فراهم ڪن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو اهي ته نريندر مودي جي هجڻ سان پاڪستان تي حملن ۽ والاريل ڪشمير تي ظلم وڌي ويا آهن والاريل ڪشمير اندر هندستاني فوج شهر ويران ۽ قبرستان آباد ڪيا آهن ظلمن جي حد ڪري ڇڏي آهي ٻارڙن پوڙهن ۽ عورتن کي بي رحمي سان شهيد ڪيو پيو وڃي پر ان سب جي باوجود ڪشميريآزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مضبوط بيٺا آهن پهريان کان وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن هي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي آزادي کان گهٽ ڪوئي حل قبول نه ڪندا مان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيان ٿو ته اهي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين ۽ ڪشميرين کي حق خود اراديت فراهم ڪن گڏيل قومون جيڪڏهن اڀرندي تيمور، ڏکڻ سوڊان ۽ ٻين علائقن ۾ بنيادي حق ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ته اهي ڪشمير ۾ ڇو نٿيون ڪردار ادا ڪن جماعت اسلامي ضلعي مظفرآباد جي اهتمام هيٺ ڪشمير ايڪتا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ڪروڙين انسان اڄ ڪشميرين سان ايڪي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ عالمي برادري کي ان جي نذاڪت آڏو رکندي ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته هو ڪشميرين کي حد خود اراديت ڏي منهنجي زندگي جي آخري گهڙي ۽ آخري پساهه ڪشمير جي آزادي لاءِ آهي جيستائين ڪشمير آزاد ٿي پاڪستان جو حصو نه بڻجندو ان وقت تائين اسان ڪشميرين سان گڏوگڏ آهيون هن چيو ته ڪسمير ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو اڻپورو ايجنڊا آهي ڪشميري ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻپوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن هي تحريڪ پاڪستان جو تسلسل آهي هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪشمير تي واضح ۽ چٽي پاليسي اختيار ڪري پٽاٽن ۽ بصرن جو واپار ڪشميرين کي قبول نه آهي هن چيو ته پاڪستان جو 18 ڪروڙ عوام ڪشميرين سان گڏ آهي ڪشميرين کان سواءِ پاڪستان اڻپورو آهي ۽ پاڪستان کان سواءِ ڪشمير ڪجهه به نه آهي پاڪستان جون سموريون سياسي ۽ مذهبي جماعتون سياسي اختلافن جي باوجود ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن جهڙي طرح افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين کي ڪڍڻ لاءِ سڄي دنيا اخلاقي سياسي ۽ عسڪري مدد ڪئي اهڙي طرح ڪشمير مان ڀارتي فوج کي ڪڍڻ لاءِ به دنيا ڪشميرين جي مدد ڪري انڊين فوج کي ڪشمير مان ڪڍڻو آهي نريندر مودي اعتراف ڪيو ته ان پاڪستان ٽوڙيو آهي ان موقعي تي پاڪستان حڪومت کي دنيا آڏو احتجاج ڪرڻ گهرجي ها جيڪو نه ٿيو هندستان سان دوستي ۽ ياري جو نعرو هڻڻ ڪشميرين جي زخمنن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي سيد علي گيلاني چيو ته جيڪڏهن اوهان هندستان سان نٿا وڙهڻ چاهيو ته اسان جي تحريڪ کي ڪمزور نه ڪيون ڪشمير مسئلي جون ٻه ڌريون نه آهن ٽي ڌريون آهن پاڪستان انڊيا ۽ ڪشمير آهن ڳالهين ۾ ڪشميري قيادت کي به شامل ٿيڻ گهرجي شهيد مقبول بٽ انهيءَ مهيني شهادت ماڻي هن ئي مهيني ۾ افضو گورو کي شهيد ڪيو ويو شهادت ان جو هڪ لازوال داستان آهي ويلي اندر ڪائي جڳهه اهڙي نه آهي جتي شهيدن جي رت جا ڌٻا موجود نه آهن مان مطالبو ڪرڻ چاهيان ٿو ته مظفرآباد ۾ ڪشميري مهاجرن ڀائرن جا وڏا مسئلا اهن انهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان حڪومت جي ذميواري آهي ٻنهي حڪومتن کي گڏجي سندن مسئلا حل ڪرڻ گهرجن نوازشريف مظفرآباد ۾ موجود آهي آزاد خطي ۽ گلگت بلتستان جو اسپيڪر به موجود آهي ڳنڍي اهڙو خطو ٺاهڻ گهرجي جتي ڪرپشن نه هجي ظلم نه هجي روزگار هجي خوشيون هجن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هر ڏهاڙي جي موقعي تي هو اسان وٽ موجود رهي اسان ان جو شڪريو ادا ڪيون ٿا ۽ پاڪستاني قوم ۽ پوري جماعت اسلامي ۽ برادر تنطيمون کين هڪ پليٽ فارم تي آڻي بيهاريو آهي. جنهن جو واعدو قاضي حسين احمد ڪيو هو ان کي اڳتي وڌايو سڄي دنيا جون اسلامي تحريڪن جي ترجمان جي حيثيت سان موجود آهن 60 اسلامي ملڪن جون اسلامي تحريڪون اڄ ڪشميرين سان ايڪو اتحاد ڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *