موجوده ۽ اڳوڻي وزير اعظمن وچ ۾ ملاقات، توهان تي وڏي ذميواري آهي، عوامي فلاحي منصوبن تي ڌيان ڏيو: نواز شريف

اسلام آباد /مري(ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان گورنر هائوس مري ۾ ملاقات ٿي، وفاقي ڪابينا سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، نواز شريف خاقان عباسي کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته پارتي توهان تي وڏي ذميواري لاڳو ڪئي آهي، توهان عوامي فلاحي منصوبن کي ترجيح ڏيو، نئين چونڊيل وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هوت توهان جي سوچ کي اڳتي کڻي هلندس ۽ پارٽي جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس، ان ملاقات ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، چوڌري نثار، احسن اقبال، پرويز رشيد ۽ مهتاب عباسي به شريڪ هئا.ٻئي طرف نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته وزيراعظم مَٽجي سگهي ٿو پر حڪومت جون پاليسيون ساڳيون رهنديون. وفاقي ڪابينا لاءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ن ليگ اڳواڻن سان مشاورتي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ وزيرن لاءِ مشاورتي عمل جاري آهي، ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا حلف کڻندي. ڪابينا جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف لاهور ويندو. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي ڪابينا ۾ شموليت بابت سوال تي نئين وزيراعظم چيو ته في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ان معاملي تي صلاحون جاري آهن ۽ جلد ڪابينا حلف کڻندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جمهوريت جي تسلسل کي چئن ڏينهن ۾ وڏي اڪثريت سان بحال ڪيو، نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ ترقياتي منصوبن کي وڌيڪ تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *