موجوده چونڊ نظام جي ڪري تبديلي نٿي اچي سگهي:عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اليڪشن ڪميشن کي نااهل ۽ بد ديانت قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده چونڊ نظام جي ڪري تبديلي نٿي اچي سگهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستاني سياست جي بهتري شفاف چونڊن ذريعي ممڪن آهي. هن چيو ته خواجا آصف بادشاهن سان رهي پاڻ کي به بادشاهه سمجهي ٿو پر جلد اين اي 110 تان سندس وڪيٽ ڪرندي. عمران خان چيو ته عليم خان جو ڪيس سڌو آهي، ڇاڪاڻ ته 21 هزار ووٽن جي تصديق نه ٿي رهي آهي.تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته نواز شريف چئن تڪن کي کولڻ جي مخالفت ڇو ڪئي. سندس چوڻ هو ته 2013 جي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي ٿي، شفاف چونڊون جمهوريت لاءِ ضروري آهن. عمران خان چيو ته سردار يار محمد رند سان پوئين چونڊن ۾ زيادتي ٿي، هاڻ ساڻس ايئن نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪ ڀارت ميچ ڌرم شالا کان ڪولڪتا منتقل ٿيڻ سٺو عمل آهي، هو ميچ ڏسڻ لاءِ ڀارت ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *