موجوده نظام غير رياستي قوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻپورو آهي:آرمي چيف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته موجوده نظام غير رياستي قوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻپورو آهي، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير ۽ فلسطين مسئلن جو حل انتهائي ضروري آهي. ڪراچي ۾ اٺين عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2014ع جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان دنيا لاءِ مثال آهي جيڪو گذريل 35 سالن کان جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ هن امن لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون. هن چيو ته دهشتگردن کان عالمي امن کي خطرو آهي ۽ بدلجندڙ حالتن سان دفاعي گهــُرجون به تبديل ٿي رهيون آهن جڏهن ته مخصوص حالتن سبب پناهگيرن جو ٻئي ملڪ وڃڻ به خطري جو سبب آهي. جنرل راحيل شريف چيو ته غير رياستي قوتن سبب اندروني سڪيورٽي متاثر ٿي رهي آهي، غير رياستي عنصرن تي ضابطو نه آندو ويو ته صورتهال ڳنڀير ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اين جي اوز ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون به ملڪي سڪيورٽي کي خطري ۾ وجهن ٿيون ۽ ملڪي سلامتي پاڙيسري ملڪن جي سڪيورٽي سان سلهاڙيل آهي. آرمي چيف چيو ته اندروني سڪيورٽي سان ئي پرڏيهي خطرن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو ۽ رڳو بارڊر سڪيورٽي سان ملڪ جي اندروني سڪيورٽي ممڪن ناهي. جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان هن وقت ڏکئي مرحلي مان گذري رهيو آهي، جنهن ۾ غربت، بيروزگاري، فوڊ سڪيورٽي ۽ پاڻي جي کوٽ به نوان سڪيورٽي چيلينجز آهن. هن چيو ته مذهب ۽ گروهي سڃاڻپ به جنگن جا نوان سبب بڻجي رهيا آهن ۽ اسان کي پنهنجي نظرين توڙي ثقافت جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل راحيل شريف عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2014ع جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنين پاران هٿيارن جي لڳايل اسٽالن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي آرمي چيف کي هٿيارن بابت بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته جنرل راحيل شريف پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري، پاڪستان ايرا ناٽيڪل ڪمپليڪس ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سميت مختلف اسٽالن تي هٿيارن جو معائنو ڪيو ۽ تعريف ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *