موجوده صورتحال جو حل اهو آهي ته عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته موجوده صورتحال جو حل هي آهي ته عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي وڃي ۽ آزاداڻه ۽ منصفاڻه چونڊون ڪرائي آئين ۾ ترميم ڪري عمران خان کي چيف اليڪشن ڪمشنر بڻائڻ لاءِ تيار آهيون نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه تجويز ڏني ته عمران خان کي آئين ۾ ترميم ڪري نئون چيف اليڪشن ڪمشنر بنائڻ لاءِ تيار آهيون عمران چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي آزادانه منصفاڻه اليڪشن ڪرائي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پاران بار بار تاريخ ڏيڻ جي باوجود چيف اليڪشن ڪميشنر جو معاملو اڃا تائين لٽڪيل آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جماعتون مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي صلاح مشوري باوجود اميدوارن تصدق حسين جيلاني ۽ رانا ڀڳوانداس عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *