موجوده دور جي گهرجن مطابق پاڪ فوج کي جديد بنائڻ لاءِ ڪائي ڪسر نه ڇڏي ويندي: ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته موجوده دور جي تقاضائن مطابق پاڪ فوج کي جديد بنائڻ لاءِ ڪائي ڪسر نه ڇڏي ويندي دنيا جي ڪائي طاقت پاڪستان کي اک کڻي ڏسڻ جي جرئت نٿي ڪري سگهي اتحاد ۽ ٻڌي جي طاقت سان اسان پنهنجن سمورن مسئلن تي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا هن اها ڳالهه جمعي تي شڪرپوڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ هٿياربند فوج جي يوم پاڪستان پريڊ ۾ حصو وٺندڙن ۾ انعام ورهائڻ ۽ هٿياربند فوج جي دعوت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي صدر ممنون حسين يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي اهتمام تي ان ۾ شامل ٿيندڙن کي واڌايون ڏيندي چيو ته ان جي پيشاوراڻي صلاحيتن ۽ جذبن تي کين ۽ پوري قوم کي فخر آهي اسان جي ٽنهي فوجين جنهن شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو ان سان قوم جي جذبي کي حوصلو مليو آهي. هن چيو ته پريڊ دوران ان جو وڌندڙ هر قدم پاڪستان جي دشمنن جي دلين تي مڱ ڏريندو ويو ۽ پاڪستان فوج تي قوم جي اعتماد جو ورجا به ٿيو ته هو پيشاوراڻي صلاحيتن سان دفاع وطن لاءِ هر وقت تيار آهن. صدر چيو ته 23 مارچ جي پريڊ قوم جي انهيءَ جذبي کي يقيني تازو ڪيو آهي جنهن جي طاقت سان اسان جا بزرگ آزاد وطن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. صدر چيو ته فوج جي شاندار پريڊ پاڪستان جي وقار کي عالمي سطح تي به اجاگر ڪيو آهي ان کان اڳ صدر پريڊ ۾ حصو وٺندڙن ۾ شيلڊ ورهايون ۽ انهن جي شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *