موجوده حڪومت 2017ع تائين بجلي جي بحران تي ضابطو آڻيندي: خواجه آصف

حيدرآباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته 2017 تائين موجوده حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو آڻي ڇڏيندي ۽ هائيڊل پاور کان علاوه سولر ۽ ونڊ پروجيڪٽ مان 7 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهندي, جنهن سان بجلي جي تمام گهرجن تي ضابطو آڻي سگهبو .ان کان علاوه ايل اين جي منصوبي ذريعي پڻ بجلي کوٽ تي ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته ڪراچي کان پشاور تائين ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان بجلي جي بحران تي ضابطو آڻجي جڏهن ته طلب ۽ رسد ۾ توازن رکي سگهجي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ واري 49.5 ميگاواٽ منصوبي جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿري گورجيس ڪمپني 50 -50 ميگاو اٽ جا 2 _ پروجيڪٽ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪندي جڏهن ته ڪمپني 4 هائيڊل بجلي منصوبا درياهه جهلم تي شروع ڪري رهي آهي، جن تي ڪم جون 2015 کان شروع ٿي ويندي. اهڙي طرح ڪمپني وٽ 3300 ميگاواٽ جا بجلي جا منصوبا پائيپ لائين ۾ آهن. هن ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته ڪمپني جيڪو 49.5 ميگاواٽ بجلي جو منصوبو مڪمل ڪيو آهي ان جي ٽيڪنالاجي به اسانکي منتقل ڪئي وئي آهي. هن پاڪ – چين دوستي کي هڪ مثالي قدم قرار ڏيندي چيو ته پاڪ چين زندگي جي هر شعبي ۾ هڪٻئي سان گڏ آهن. هن ٻڌايو ته وزير اعظم محمد ميان نواز شريف اڄ نوري آباد ۾ ڪراچي – حيدرآباد موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن سان ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو. هن اميد ڏيکاري ته بجلي جا منصوبا پورا ٿيڻ سان پاڪستان معاشي ترقي ڏانهن گامزن ٿيندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناڻي سيد مراد علي شاهه چيو ته بجلي جا منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي ترقي کي هٿي ملندي جنهن سان ماڻهن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا حاصل ٿيندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڄاڻايل منصوبو پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. صوبائي وزير سنڌ حڪومت طرفان بجلي جا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ٿري گورجيس ڪمپني جي چيئرمين مسٽر لوچن پروجڪيٽ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ٿري گورجيس فرسٽ ونڊ فارم پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ پاران شروع ٿيندڙ 49.5 ميگاواٽ ونڊ پاور پروجيڪٽ اينڊ سي ايس سي اِي سي ونڊ پاور ايڪويپمينٽ پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ ونڊ ٽاور مينئو فيڪچرنگ فيسليٽي 130.279 ملين ڊالر جي لاڳت آئي آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 1150 ايڪڙ ايراضي تي 33 ونڊ ٽربائين لڳايا ويندا جنهن ۾ 80 ميٽر ڊگهو هر ٽربائين 1.5 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس ڪمپني بجلي پيدا ڪرڻ جي ٻين منصوبن تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي شروعات جون 2015 کان ٿيندي. هن چيو ته پاڪ – چين دوستي مثالي آهي ۽ اسانجي ڪمپني پاڪستان جي ترقي لاءِ سنجيدگي سان ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان ۾ بجلي جي لوڊشينڊنگ جلد ختم ٿي ويندي ۽ ملڪ ترقي ڪندي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪ – چين دوستي هڪ لينڊ مارڪ ۽ ترقي جو سفر آهي، جنهن سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي. بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو ته بجلي جا چور جلوس ڪڍي رهيا آهن ته بجلي جي چوري کي قانوني قرار ڏنو وڃي. ان صورتحال ۾ ميڊيا کي پنهنجي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ کين ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻي پوندي ته ڪير چور آهي ۽ ڪير بجلي چوري ۾ ملوث آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا کي گهرجي اهي انهن علائقن ۾ وڃي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ حڪومت جو ساٿ ڏين. ان موقعي تي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته جتي به ونڊ پاور، ٿرمل پاور يا هائيڊرل پاور جا منصوبا لڳايا ويا آهن اتي مقامي ماڻهن کي ضرور شامل ڪيو ويندو ۽ انهن علائقن ۾ سموريون گهربل سهولتون ۽ روزگار پڻ فراهم ڪيو ويندو جنهن سان سندن معيار زندگي بهتر ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *