موجوده حڪومت پنهنجي اڍائي سالن جي دور ۾ عوام کي ڊليور ناهي ڪري سگهي، اصل اشوز تان منهن ڦيريو پيو وڃي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته حڪومت پنهنجي اڍائي سالن جي دور ۾ عوام کي ڊليور ناهي ڪري سگهي، اصل اشوز تان منهن ڦيريو پيو وڃي، موجوده جمهوري تماشي ۾ غريبن لاءِ ڪجهه ناهي، عام ماڻهو سياسي ۽ معاشي بحرانن کان تنگ ٿي چڪو آهي، جڏهن به ڪو بحران اچي ٿو عام ماڻهو جا اهنج وڌي وڃن ٿا، مرڪزي حڪومت کي بلوچستان جي مسئلن طرف توجهه ڏيڻ گهرجي،چائنا سان 46 ارب ڊالر جو معاهدو گوادر سبب ٿيو آهي، جيڪڏهن گوادر ترقي ڪري ٿو ته ان تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، جبلن تي ويندڙ ۽ احساسي محرومي جو شڪار نوجوان پاڪستان جي نه پر ظلم جي نظام خلاف آهن، مظلوم نوجان حق گهرن ٿا کين حق ملڻ گهرجن، اهڙن خيالن جو اطهار هن بلوچستان جي 3 ڏينهن واري دوري تي ڪوئيٽا پهچڻ تي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ تربيتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *