اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته موجوده امپورٽِڊ حڪومت کي وڃڻو ئي آهي هي ماڻهو پاڻ نه ويندا ته ڪڍيا ويندا سماجي رابطي جي سائيٽ ٽيوٽر تي جاري سلسلي وار بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته معاملو اينگهائڻ بدران سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪن ۽ بنيادي سڌارن تي اڳتي وڌن هن چيو ته بهتر هو جون جي پهرين هفتي ۾ اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن ها. هن چيو ته عقل جي ڳالهه ڪيترائي ڀيرا دير سان سمجهه ۾ ايندي آهي ڪڍڻ واري عمل ۾ معيشت کي اڃا نقصان پهچائي امپورٽيڊ حڪومت ڪنهن جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي فواد چوڌري چيو ته عملي طور تي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏيو.