موجوده حڪمران ڪورونا وائرس کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار، نجڪاري حڪومت جي ناڪامي آهي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته تبديلي جو جنون قبر جي سڪون تي ختم ٿي ويو آهي، وزيراعظم کي حورون ۽ عوام کي ڏينهن جو تارا نظر اچي رهيا آهن، حڪومت وينٽيليٽر تي آهي، جيئن ئي وينٽيليٽر هٽايو ويندو ته حڪومت ختم ٿي ويندي، هاڻ حڪومت قومي ادارن کي کپائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جون نيلامي نيلامي جون سدائون اصل ۾ ناڪامي جو اعتراف آهي، جيڪا حڪومت هڪ هوٽل ۽ ڪنويشن سينٽر نٿي هلائي سگهي ملڪ ان جي حوالي ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ کي آڻيندڙ گذريل حڪومتن کي آڻيندا رهيا، هي ڪاسميٽڪ سياست هاڻ نه هلندي، پاڻ کي اپوزيشن چوندڙ اڳوڻيون حڪمران پارٽيون عوام کي دوکو ڏئي رهيون آهن، اندروني طور اهي پاڻ ۾ مليل آهن ۽ هڪ ئي آقا جا غلام آهن، اصل اپوزيشن جماعت اسلامي آهي، اسان عوام جي ترجماني ڪندا رهنداسين، پاڪستان کي اصل ۾ هڪ اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان بڻائڻ جي جدوجهد جاري رکنداسين، 5 فيبروري تي سڄي قوم ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي، مودي کدڙ واريون اونائيون نه ڪري، اسان محمود غزنوي ۽ احمد علي شاهه ابدالي جا وارث آهيون، مودي جي تڪبر جو سومنات ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ مرڪزي تربيتگاهه کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، سينيٽر سراج الحق چيو ته وزيراعظم صاحب ڪجهه نه ڪري پنهنجون پراڻيون تقريرون اڪيلائپ ۾ويهي ٻڌي ۽ نه گهٻرائي، عوام چاهي ٿو ته ان کي نئون پاڪستان نه گهرجي پراڻو ئي پاڪستان عوام کي واپس موٽائي ڏيو ته جيئن پراڻيون قيمتون واپس ٿين ۽ غريبن جي گهرن ۾ ٻن ويلن جو کاڌو تيار ٿي سگهي، هن چيو ته ان هائوس تبديلي قوم سان هڪ سنگين مذاق هوندي، جيڪي ماڻهو پهريان ڊليور نه ڪري سگهيا اهي هاڻ ڇا ڪندا، هن ٽيم جو ڪپتان ئي نه آهي، سڀ رانديگر اناڙي آهن، چهرا تبديل ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، اصل تبديلي لاءِ ظلم ۽ ڏاڍ واري نظام کي تبديل ٿيڻو پوندو، جماعت اسلامي جي جدوجهد جو مرڪز هن ظالماڻي نظام کي ختم ڪرڻ آهي، هن چيو ته حڪمران ڪرونا وائرس کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن جيڪي آءِ ايم ايف جي حڪم تي مهانگائي جا ڪوڙا عوام جي کوپڙين تي وسائي رهيا آهن، هن چيو ته سياست قابض، لينڊ، ڊرگ، شوگر ۽ اٽو، کنڊ مافيا ڪينسر کان وڌيڪ خطرناڪ آهن جيڪي عوام جون پريشانيون وڌائي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *