موت جي خبرن کانپوءِ سلويسٽر اسٽالون پاڻ ميدان تي اچي ويو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ هالي ووڊ جي جڳ مشهور اداڪار سلويسٽر اسٽالون جي موت جي افواهن ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اداڪار پاڻ ئي اهڙين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. 71 ورهين جي هالي ووڊ اسٽار سلويسٽر اسٽالون جي موت واري خبر سوشل ميڊيا تي باهه وانگر پکڙجي وئي، اداڪار جي اوچتو فوت ٿيڻ واري خبر تي سندس چاهيندڙ حيران ٿيڻ سان گڏ افسوس جو اظهار به ڪري رهيا هئا، جڏهن ته معاملو حد کان وڌي وڃڻ بعد اداڪار سلويسٽر اسٽالون پاڻ ميدان تي اچي حقيقت ٻڌائي ڇڏي. اداڪار سلويسٽر اسٽالون پنهنجي ٽويٽر تي موت جي ڪوڙن افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مهرباني ڪري منهنجي فوت ٿيڻ واري خبرن کي نظرانداز ڪيو وڃي، مان جيئرو ۽ صحت مند آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *