مواڇ ڳوٺ واقعو: الله تعاليٰ دهشتگردن کي دوزخ نصيب ڪندو: مراد علي شاهه

سجاول (رپورٽر/ھ آ)  وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليمي نصاب تمام بهتر آهي، وفاقي حڪومت جو پوري مُلڪ ۾ يڪسان تعليمي نصاب قبول ناهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت سنڌ صوبي کي ان حوالي سان اعتماد ۾ ورتو آهي، هن چيو ته اعلان ڪيل تعليمي نصاب پي ٽي آءِ جو نصاب تعليم آهي جڏهن ته ان حوالي سان وفاق سان ڪافي وقت کان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ۽ اسان جو موقف آهي ته هر علائقي جو هڪ پنهنجو سسٽم آهي، ڪجھ شيون يڪسان ٿي سگھن ٿيون. هن چيو ته اسان پنهنجي تجربن تحت سنڌ جي ٻارڙن کي بهتر کان بهتر تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن اڄ پ پ ضلعي سجاول جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر محمد علي ملڪاڻي جي رهائش گاه ڳوٺ راڄ ملڪ ۾ سندس والده جي لاڏاڻي ۽ پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري سورج سجاولي جي رهائش گاه تي سندس پونئرن سان تعزيت ۽ فاتح خواني جڏهن ته بيگنا موري تي اڳوڻي صوبائي وزير غلام قادر ملڪاڻي سان عيادت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزير اعليٰ سنڌ پاڻيءِ جي کوٽ بابت هڪ سوال تي چيو ته وفاق پاران پاڻي معاهدي کي فالو نٿو ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ بابت سنڌ حڪومت پنهنجو موقف رکيو آهي. هن چيو ته هن وقت به چشمه جھلم لنڪ ۽ تونسه پنج ندي ڪينال وهائي رهيا آهن، اهي ٻئي ڪينال جيڪڏهن بند ٿين ته پوءِ پاڻي جي کوٽ ايتري نه ٿيندي جيڪو سنڌ جو حق پڻ آهي. هن چيو ته پاڻي ڌير سان اچڻ ڪري پوڇڙ واران ضلعن ٺٽو، سجاول،  بدين ۽ دادو کي نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت کي لکيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. هن چيو اُميد اهي ته وفاق ۽ ارسا سنڌ کي به پاڪستان جو حصو سمجھندي ان جي ماڻهن کي اُڃ نه ماريندا. هڪ ٻي سوال تي وزير اعليٰ سنڌ چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال بعد يوم آزادي ۽ محرم الحرام دوران ٿريٽس مليا جن کي پوري طاقت سان منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته مواڇ ڳوٺ وارو واقعو هڪ بزدلانه واقعو هو جنهن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون شهيد ٿيون. هن چيو ته حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عاشوري ۽ ان کان پوءِ به اهڙي قسم جو واقعو پيش نه اچي سگھي ان حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز شيخ، شبير بجاراڻي، مڪيش چاولا، منظور وساڻ، معاون خاص صادق علي ميمڻ، ايم پي اي سيد رياض شاهه شيرازي، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي پڻ موجود هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *