موئن جو دڙو ايئرپورٽ تي پ پ چيئرمين جي صدارت ۾ صوبائي ۽ مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس، ملڪي صورتحال تي ويچار

ڏوڪري(جبار ميمڻ) موهن جو دڙو ائيرپورٽ جي لائونج  ۾ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ پ پ جي صوبائي ۽ مرڪزي اڳواڻن جي هڪ ڪلاڪ تائين گڏجاڻي.  سنڌ سميت ملڪي صورتحال ۽ ورسي تقريبن جي انتظامن تي ويچاريو ويو.  بلاول کي پ پ اڳواڻن بريفنگ به ڏني. ذريعا.  بلاول کي وڏي پروٽو ڪول ۽ انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ ائيرپورٽ کان گڙهي خدا بخش پهچايو ويو.  رپورٽ موجب شهيد ڀٽي جي 37 هين ورسي جي  تقريبن ۾ شرڪت لاء  ڪاله سڄي ملڪ  مان پ پ جي  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ  ڳڙهي خدا بخش پهتو. جڏنهن ته سنڌ پنجاب ۽ ٻين صوبن کان اهم  پ پ اڳواڻ روڊ رستن کان علاوه  هوائي رستي  ذريعي ڪراچي کان موهن جو دڙو ائيرپورٽ تي ڪاله سڄو ڏينهن    آمد جو سلسلو  جاري رهيو.  وڏي وزير جو خاص جهاز  ڪاله سڄو ڏينهن ڪراچي کان موهن جو دڙو ائيرپورٽ تائين  پ پ جي اهم اڳواڻن کي پهچائيندو  رهيو. پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڌو پ پ جي مرڪزي قيادت کي ڪراچي کان موهن جو دڙو  ائيرپورٽ تائين پهچايو جتان پارٽي اڳواڻ روڊ رستي سخت پهري هيٺ گڙهي خدا بخش  پهچندا رهيا. جڏنهن ته پ پ جو چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري به ڪراچي کان موهن جو دڙو هوائي اڏي تي اسپيشل اڏامن ذريعي الڳ الڳ وقت تي پهتا.  جتي پ پ جي  اڳواڻن سندن آجيان ڪئي. هوڏانهن ذريعن موجب  موهن جو دڙو ائيرپورٽ جي وي آء پي لائونج  ۾  پ پ جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾  پ پ جي اڳواڻن جي هڪ ڪلاڪ تائين اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾  شهيد ڀٽي جي ورسي  سميت مختلف ملڪي  سياسي اشوز  بحث هيٺ آيا. بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداري بختاور زرداري ۽ پ پ اڳواڻن کي وڏي پروٽوڪول سان سخت پهري هيٺ  ڳڙهي خدا بخش پهچايو ويو.  هوڏانهن موهن جو دڙو ايئيرپورٽ کان ڳڙهي خدا بخش تائين ويندڙ رستي سان ڪاله صبح سوير کان ئي سيڪيورٽي انتظام سخت رکيا  ويا. جڏنهن ته بلاول ۽ بختاور جي آمد وقت اڌ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ جام ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *