
لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان واڳيل سينيئر رانديگر تجويز ڏني آهي ته اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان مهيلا جئه ورڌني کي قومي ٽيم جو ڪوچ بڻايو وڃي. تجويز ۾ چيو ويو ته پاڪستان جو ڪوچ اهڙو هئڻ گهرجي، جيڪو ٽنهي فارميٽس ۾ مهارت رکندڙ هجي. ذريعن موجب پي سي بي ڪاميٽي اجلاس ۾ مڪي آرٿر کي اسسٽنٽ ڪوچ مقرر جي تجويز ڏني وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مڪي آرٿر سان معاهدي جي واڌ جي حوالي سان سينيئر ڪرڪيٽرن کان راءِ طلب ڪرڻ بابت سوچي رهيو آهي. ڪاميٽي ميمبر هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهن، سندن موقف آهي ته مڪي آرٿر ڏکئي گهڙي ۾ ذميواريون نڀائڻ کان لنوائيندو رهيو. واضح رهي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو پي سي بي سان معاهدو 15 آگسٽ تي ختم ٿي رهيو آهي، ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي بعد پي سي بي ڪاميٽي ڪپتان، هيڊڪوچ ۽ سليڪٽر کان سخت پچاڻو پڻ ڪيو هو.