مهيش ڀٽ لڳ ڀڳ 20 سالن کانپوءِ هدايتڪاري ۾ واپسي ڪري رهيو آهي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ هدايتڪار مهيش ڀٽ لڳ ڀڳ 20 سالن کانپوءِ هدايتڪاري ۾ واپسي ڪري رهيو آهي، سندس فلم هاڻ ايندڙ سال مارچ بدران 10 جولاءِ 2020 ۾ رليز ٿيندي. ان حوالي سان اداڪاره پوجا ڀٽ هڪ پوسٽ ذريعي پنهنجي ننڍي ڀيڻ عاليه ڀٽ کي ڀليڪار ڪيو آهي. پوجا ڀٽ پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ فوٽو به شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن ڪيپشن ۾ لکيو ته “عاليه از ان دي هائوس”. جيڪڏهن پوجا ڀٽ/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 24

جي شيئر ڪيل ان تصوير تي غور سان نظر وڌي وڃي ته اوهان کي خبر پوندي ته هڪ شيشي تي ڪاغذ چنبڙيل آهي، جنهن تي مٿان کان سڙڪ 2 لکيل آهي ۽ هيٺان عاليه ڀٽ جو نالو لکيل آهي. پوجا جي پوسٽ کانپوءِ سڙڪ 2 فلم ۽ عاليه بابت دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن. خبرن موجب هن فلم ۾ سينيئر اداڪار سنجي دت، ادتي روئي ۽ عاليه ڀٽ جي ماءُ سوني رازدان به ڪردار نڀائيندي. فلم ماضي ۾ سنجي دت جي مرڪزي ڪردار ۾ ٺهيل فلم “سڙڪ” جو ري ميڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *