مهيش ڀٽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي پر مون انڪار ڪيو: جويريا سعود

 

لاهور(شوبز نيوز) اداڪاره جويريا سعود چيو آهي ته مون کي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 3 ڀيرا آڇ ڪئي وئي پر منهنجو مزاج نه هو، ان لاءِ فلمن ۾ ڪم نه ڪري سگهيس.هن هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته مون کي بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار مهيش ڀٽ پنهنجي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، جڏهن ته سان گڏوگڏ ثمينه پيرزاده به پنهنجي ٻن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر مان ٻنهي کان معذرت ڪري ڇڏي.هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات نعت خوان جي طور ڪئي هئي ۽ ان وقت منهنجي عمر تمام گهٽ هئي، بعد ۾ ٽي وي ڊرامن ۾ اداڪاري شروع ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *