جنگ جي حمايتي پريانڪا چوپڙا امن جو راڳ آلاپڻ لڳي

 

لاس اينجلس: (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره  ۽ گڏيل قومن ۾ امن بابت سفير پريانڪا چوپڙا هلندڙ سال جي شروعات ۾ پلوامه حملي کان پوءِ امن جي بجاءِ جنگ جي حمايت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ کيس سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو هو. پر هاڻ هو پنهنجي بيان تان ڦري وئي آهي.هلندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪ ڀارت تڪرار کان پوءِ پاڪستان مخالف ٽوئٽ ڪرڻ تي بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا کي سڄي دنيا ۾ سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو هو جنهن تي ان جي طرفان ڪوبه بيان سامهون نه آيو هو. جنهن کان پوءِ هاڻ اداڪاره کان هڪ انٽرويو دوران ان تڪرار بابت جڏهن پڇيو ويو ته هن پاڻ کي بچائيندي  چيو ته هي موقعو اهڙو ناهي  اهڙي موضوع تي ڳالهايو وڃي جيڪو ڪجهه به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيو هو اهو غلط هو.اداڪاره چيو ته گڏيل قومن ۾ امن جي سفير بنجڻ کان پوءِ سالن جو منهنجو ڪم ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته مان ڪڏهن به جنگ جي حامي ناهيان رهي ۽ نه اڳتي ڪڏهن ٿيندس. اداڪاره چيو ته مان ڀارتي آهيان پر پاڪستان مان ڪيترائي ماڻهو منهنجا دوست آهن مان حب الوطن آهيان ۽ جنگ کي ڪڏهن به پسند ناهيان ڪندي. اداڪاره چيو ته مان هميشه ان ڳالهه جي ڪوشش ۽ اميد ڪئي آهي ته مان ٻين جي ڪم اچان ۽ ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهي سگهان.واضح رهي ته ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا سوشل ميڊيا تي پلوامه حملي کان پوءِ ڀارت طرفان پاڪستان ۾  ڪيل دخل اندازي  جي ساراهه ڪندي ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو امن جي نه پر جنگ جي حمايتي آهي. امن جي سفير ٿيڻ باوجود پريانڪا طرفان ڪيل جنگ جي حمايت سندس سڄي دنيا ۾ موجود لکين مداحن کي سخت مايوس ڪري ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *