مهمند ايجنسي ۾ دهشتگرد حملو، 5 فوجي جوان شهيد، 10 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد/  مهمند ايجنسي (ويب ڊيسڪ) مهمند ايجنسيءَ ۾ گذريل رات دهشتگردن سرحد پار کان پاڪستاني پوسٽ تي حملو ڪيو، حملي جي نتيجي ۾ 5 جوان شهيد ۽ 10 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب مهمند ايجنسيءَ ۾ گذريل رات دهشتگردن سان مقابلي ۾ نائيڪ ثناءُ الله، نائيڪ صفدر، سپاهي الطاف، سپاهي نيڪ محمد، سپاهي انور شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ دهشتگرد مارجي ويا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ان موقعي تي جوانن جي اثرائتي ڪارروائيءَ کي ساراهيندي چيو ته دهشتگرد گڏيل خطرو آهن ۽ سرحد تي سندن آزاداڻي چرپر روڪڻ ضروري آهي، آرمي چيف چيو ته سرحدي سلامتي ۽ اثرائتي ڪارروائي جي لاءِ جوانن جي سرحد تي موجودگي ضروري آهي، جنرل قمر جاويد باجوا سرحد تي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وطن جي دفاع جي لاءِ جوانن جي قربانين جي واکاڻ ڪئي، جنرل قمر باجوا افغان سرحد تي جوانن جي موجودگيءَ جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو.36 پرڏيهي آفيس پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي دهشتگردن جي سرحد پار حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ٿيندڙ بهادر فوجي جوانن جي پيٽا پيش ڪئي آهي، سومر جي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ مهمند ايجنسيءَ ۾ افغانستان کان دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، پرڏيهي کاتي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندي شهادت ماڻيندڙ جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اسان جي بهادر فوجي جوانن وطن جي دفاع جي لاءِ جان قربان ڪئي، شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو.  افغان سرزمين تان پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي پرڏيهي آفيس افغان نائب سفير عبدالناصر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي، پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي آفيس افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگرد حملي ۽ پاڪ فوج جي پنجن اهلڪارن جي شهادت تي افغان نائب سفير عبدالناصر کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پرڏيهي آفيس پاڪستان ۾ مقرر افغان نائب سفير عبدالناصر احتجاجي خط حوالي ڪندي چيو ته افغان حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي نتيجن کان فوري طور پاڪستان کي آگاهه ڪري.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *