مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ راندين جي هفتي ملهائڻ جي رنگا رنگ تقريبن جو آغاز

ڄامشورو(اسپورٽس نيوز) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۾ راندين جي هفتي ملهائڻ جي رنگا رنگ تقريبن جو آغاز ٿي ويو. راندين جي هفتي جي آغاز واري تقريب جو افتتاح وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته رانديون صحتمند سماج جي علامت هونديون آهن ۽ راندين جو مقصد سهپ ۽ صحتمند سوچ وارا فرد پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اڄوڪي پريشانين جي ور چڙهيل معاشري ۾ رانديون وڏو رليف آهن. مهراڻ يونيورسٽي پاران راندين جي هفتي ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته شاگردن کي درس تدريس کان علاوه انٽرٽينمينٽ مهيا ڪجي. هن چيو ته اسان جو ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي اهڙي ماحول ۾ راندين جو هفتو ملهائي اهو عزم ورجايون ٿا ته اسان جا تعليمي ادارا پرامن ۽ تحقيقي سرگرمين واري ماحول کي پروان چاڙهيندا ۽ ان سان گڏ صحتمند غيرنصابي سرگرميون پڻ ڪندا رهنداسين. ان موقعي تي سمورن شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٽيمن ۾ ميراٿن ريس پڻ ٿي گذري جنهن ۾ سول شعبي جي شاگرد پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 6 پوزيشنون کڻندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويا. اسپورٽس جمنازيم جتي افتتاحي تقريب ٿي گذري ان کي راندين جي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو هو جڏهن ته  شاگرد ٽيمن کي مختلف راند جا لباس پاتل هئا. تقريبن ۾ وائيس چانسلر سان گڏ ڊين فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل اليڪٽرانڪس اينڊ ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري، ڊين فيڪلٽي آف سائنسز ۽ هيومنٽيز پروفيسر ڊاڪٽر پير روشن شاهه راشدي، ڊائريڪٽر اسپورٽس، مخلتف شعبن جا چيئرمين، ڊائريڪٽر، آفيسر ۽ استاد شريڪ ٿيا. راندين جي هفتي جي افتتاحي راند ڪرڪيٽ سان شروع ٿي. ان سان گڏو گڏ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، والي بال، اسڪوائش، رسا ڪشي، ۽ ڊوڙ جا مقابلا ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *