مهان ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جون آخري رسمون لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيون ويون, ماحول سوڳوار،مڙه تي گلن جي ورکا

لاڙڪاڻو (بيورو) مهان ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جون آخري رسمون لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيون ويون، مڙهه کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو، مڙهه تي گلن جي ورکا ڪري قومي گيت پيش ڪيا ويا، سيد جلال محمود شاهه، صنعان قريشي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سميت سياسي سماجي، ادبي ڌرين توڙي مٽن مائٽن ۽ دوستن وڏي انگ ۾ آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي…. گذريل ڏينهن بيماري سبب 95 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ کان وڇڙي ويل مهان ڏاهو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جون آخري رسمون لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيونويون.. ڪامريڊ سوڀي جو مڙهه آخري ديدار لاءِ سندس رهائشگاهه کان ٻاهر آندو ويو، جتي وڏي انگ ۾ ماڻهن سندس ديدار ڪيو… آخري ديدار واري رسم کانپوءِ سندس مڙهه شمشان گهاٽ نيو ويو، جتي اگني سنسڪار ڪيو ويو، پنچائت جي فيصلي تحت ڪامريڊ جي شمشان گهاٽ ۾ سماڌي ٺاهي ويندي.. ڪميونسٽ پارٽي طرفان مڙهه تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، جسقم طرفان قومي ترانو پڙهيو ويو. آخري رسمن ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، امداد قاضي، هندو پنچائت جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر ڌرم پال ۽ ٻين اديبن، دانشورن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي… آخري رسمن ۾ شريڪ اڳواڻن چيو آهي ته سوڀي جو وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي، ڪامريڊ ڪڏهن به موقف تبديل نه ڪيو ۽ سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهيو. لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٻنڊي ۾ 3 مئي 1920 تي جنم وٺندڙ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي وڇوڙي تي لاڙڪاڻي جو ماحول سوڳوار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *