مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جا نتيجا اچڻ لڳا آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ان سطح کان هيٺ اچي وئي آهي، جيڪا اسان جي حڪومت سنڀالڻ وقت هئي. ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته معاشي حوالي سان وڌيڪ سٺيون خبرون آهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جا نتيجا اچڻ لڳا آهن. سندس موجب ڪنزيومر پرائس انڊيڪس (سي پي آءِ) ۽ بنيادي مهانگائي، ٻئي ان سطح کان هيٺ آهن، جيڪا اسان جي حڪومت سنڀالڻ وقت هئي. هن چيو ته مان پنهنجي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته اهي محتاط رهن ۽ مهانگائي تي ضابطو برقرار رکڻ جي يقيني بڻائن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *