مهانگائي کان نجات جو بس هڪ ئي طريقو آهي، ملڪ کي عمران خان کان نجات ڏياري وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهانگائي کان نجات جو بس هڪ ئي طريقو آهي ته ملڪ کي عمران خان کان نجات ڏياري وڃي عمران خان اٽي جون قيمتون وڌائي غريبن جي وات مان گرهه کسڻ جي ڪوشش ڪئي اهي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته عمران خان وڏي وڏي دعويٰ ڪري اقتدار ته ڦٻائي ورتو پر هو ملڪ هلائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي، عمران خان کي خبر ئي نه آهي ته ملڪ جا اٽڪل اڌ ڪاروباري ادارا پنهنجي ملازمن جي هڪ چوٿائي پگهار گهٽتائي چڪا آهن رڳو هڪ سال ۾ عمران خان حڪومت جي ناڪام پاليسين جي ڪري 25 لک کان پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪيا ويا  آهن. پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 15 سيڪڙو تائين پهچي ويئي جڏهن کان عمران خان وزيراعظم ٿيو آهي رڳو اٽي جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي آهي مافيا جي سرپرست عمران خان اٽي جون قيمتون وڌائي غريبن جي وات ۾ گرهه کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ملڪ جي وزيراعظم کي پنڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ايندو هجي اهو ڪيئن مهانگائي ختم ڪندو مهانگائي کان نجات جو بس هڪ ئي طريقو آهي ته ملڪ کي عمران خان کان نجات ڏياري وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *