مهانگائي رڳو پاڪستان ۾ نه ، سڄي دنيا ۾ ٿي آهي، 40 لک ماڻھن کي گھرن لاءِ قرض ڏينداسين: شوڪت ترين

پشاور (اين اين آءِ/م ڊ) ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين خيبرپختونخواهه مان سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو آهي، چونڊن لاءِ پولنگ صوبائي اسيمبلي جي پراڻي هال ۾ ٿي، جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي، ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، ڪي پي ڪي جي صحت واري وزير تيمور جهڳڙا موجب سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ لاءِ پولنگ ۾ 4 ووٽ رد ٿيا ۽ 5 ميمبر بنا سبب ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيا، پي ٽي آءِ ايوب آفريدي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن جي خالي ٿيل سيٽ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏني وئي هئي، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار جي مقابلي ۾ اي اين پي جو شوڪت اميرزادو، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه بيٺل هئا, ٻئي طرف  ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته مهانگائي رڳو پاڪستان ۾ نه آهي سڄي دنيا ۾ گذريل 20 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهڻي مهانگائي ٿي آهي آمريڪا ۽ هندستان جهڙن ملڪن ۾ به مهانگائي آهي. بجلي جو اسان کي ڪوئي مسئلو نه آهي مسئلو گئس جو آهي خيبرپختونخواه جي سينيٽ جي خالي سيٽ تي تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين ڳري اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو نئين چونديل سينيٽر شوڪت ترين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بنا وياج جي گهرن لاءِ 40 لک گهراڻن کي قرض ڏينداسين. شوڪت ترين جو چوڻ هو ته گئس آهي ئي ڪونه هر سال ذخيرا گهٽ ٿينا پيا وڃن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گئس جا وڌيڪ ذخيرا لڀن بجلي جو اسان کي ڪوئي مسئلو نه آهي منهنجو ووٽ ڪراچي مان نه لاهور مان هتي آيو آهي لاهور ۾ منهنجا والدين رهندا هئا ۽ هتي منهنجا ساهوارا آهن لاهور ۾ والدين جو گهر آهي ناٺي اڌ گهروارو هوندو آهي ملڪ ۾ ترقي جي شرح آهستي آهستي وڌندي سندس چوڻ هو ته مان گذريل ڀيري وزارت پنهنجي مرضي سان ڇڏي هئي ڪوشش ڪندس ته هر مهيني هتي ايندس خيبرپختونخواه جي مالي ۽ ٻين ڏکيائين کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته 30 سال خيبرپختونخواه دهستگردي ڏٺي آهي فاٽا ۽ پاٽا جو پنج سالن لاءِ ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *