مهانگائي جو بم ڪري پيو، اوگرا گئس اگهن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اوگرا پهرين جولاءِ کان گيس جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نين قيمتن تي عمل پهرين جولاءِ کان ٿيندو، گيس اگهن ۾ واڌ جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي وئي، نوٽيفڪيشن موجب گهريلو صارفين لاءِ گيس بلن تي ون سليب جي منظوري ڏني وئي، نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 50 مڪعب گيس جي استعمال تي گيس جي قيمت 121 رپيا ڏني، هڪ مڪعب ميٽر تي برقرار رکي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 100 مڪعب ميٽر گيس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين لاءِ 66 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 2 سئو مڪعب گيس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين لاءِ في مڪعب گيس ۾ 61.7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ماهوار 3 سئو مڪعب گيس استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ گيس جي في مڪعب ميٽر ۾ 123.3 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽفڪيشن ۾ چيو ويو ته ماهوار 4 سئو مڪعب ميٽر گيس جي استعمال تي في ميٽر مڪعب 6.4 سيڪڙو مهانگائي ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 4 سئو مڪعب کان وڌيڪ گيس استعمال ڪندڙن لاءِ گيس جي قيمت 1460 رپيا في يونٽ تي برقرار رکي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *