مهانگائي بم: پهرين جون کان تيل 13رپين تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو) حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو وري مهانگائي بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ،جنهن هيٺ تيل جا اگهه 13 رپين تائين وڌائڻ جو امڪان آهي. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي(اوگرا) تيل جي اگهن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي آهي. ذريعن مطابق اوگرا پيٽرول 6رپيا 19پئساڊيزل 7رپيا91 پئسا، هاءِ آڪٽين 13رپيا62پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو آخري فيصلو پيٽروليم واري وزارت کي ڪرڻو آهي جنهن جي منظوري کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ پهرين جون کان تيل جا نوان اگهه لاڳو ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *