من پسند ماڻهن جي ترقي نه ٿيڻ گهرجي، اصولن کي آڏو رکيو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پوليس آفيسرن جي ترقين بابت ڪيس ۾ وضاحت لاءِ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي طلب ڪري ورتو آهي، خابرو ادارن موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پوليس آفيسرن جي ترقين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني مسلم سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي طلب ڪندي چيو ته سڀاڻي سيڪريٽري وضاحت ڪري ته ڪيئن ترقيون ڏنيون ويون، جسٽس امير هاني مسلم پڇيو ته جواب ڇو نٿو جمع ڪرايو وڃي ته ترقيون ڪيئن ڏنيون ويون، هر ڪم ۾ قانوني برابري برقرار رکي وڃي، من پسند ماڻهن جي ترقي نه ٿيڻ گهرجي، اصولن کي آڏو رکيو وڃي، سندس چوڻ هو ته جن آفيسرن کي غلط ترقيون مليون آهن اهي پنهنجي کاتن ۾ واپس هليا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *