”منٽو” باڪس آفيس تي هٽ ثابت ٿيندي: ثانيه سعيد

لاهور(شوبز نيوز) فلسٽار ثانيه سعيد چيو آهي ته سندس ايندڙ فلم ”منٽو” باڪس آفيس تي هٽ ثابت ٿيندي. خميس ڏينهن هتي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اها فلم سعادت حسن منٽو جي فن ۽ حياتي جي مختلف رخن تي ٻڌل آهي ۽ ڏسندڙ منهنجو ڪردار به پسند ڪندا. هن چيو ته تازو فنڪارن ۽ ٻين ماڻهن فلم جي پريميئر ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان فلم کي منٽو جي فن ۽ حياتي جي ويجهو محسوس ڪيو آهي. ثانيه سعيد چيو ته منٽو جي ادبي محنت جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن وڏي واکاڻ ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *