”مني ۽ پون“ هاڻي ڪوريا به ويندا: سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت ۽ دنيا ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ بالي ووڊ جي دبنگ خان جي فلم بجرنگي ڀائي جان هاڻي ايشيا جي سڀ کان مشهور ۽ وڏي فلم فيسٽول ”بسن انٽرنيشنل فيسٽول“ ۾ به پيش ڪئي ويندي، بالي ووڊ هدايتڪار ڪبير خان جي تازي رليز ٿيل فلم بجرنگي ڀائي جان جي ان ڪاميابي کي ٻڌائڻ لاءِ هن ٽوئيٽر جو سهارو ورتو ۽ پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ”مني ۽ پون“ هاڻي ڪوريا به ويندا، ڇو جو بجرنگي ڀائي جان ايشيا جي نامياري فلم فيسٽول ”بسن انٽرنيشنل فيسٽول“ لاءِ چونڊجي وئي آهي. فلم ۾ سلمان ۽ مني ”هرشالي ملوٿرا“ جي نڀايل ڪردار کي ته بلڪل پسند ڪيو ويو پر اصل ۾ فلم کي هدايتڪاري ڏئي ڪبير خان به پاڻ مڃايو ۽ هو به فلم جو اهم حصو آهي، واضح رهي ته بجرنگي ڀائي جان هن وقت تائين فقط هندستان ۾ 300 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري چڪي آهي جڏهن ته سڄي دنيا ۾ هن 400 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمايا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *