مني لانڊرنگ ڪيس: الطاف حسين جي ضمانت ۾ 14 اپريل تائين واڌ

لنڊن(م.ڊ) اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس مني لانڊرنگ ڪيس ۾ متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين جي ضمانت ۾ 14 اپريل 2015ع تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي ايم ڪيو ايم جي اعلامئي مطابق اسڪاٽ لينڊ يارڊ مني لانڊرنگڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي ضمانت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 14 اپريل 2015ع تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين الطاف حسين کي تحيريري طور تي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ گذريل سال جون ۾ الطاف حسين کي مني لانڊرنگ ۾ پوليس اسٽيشن طلب ڪيو هو جڏهن ته ان کانپوءِ ان کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو ان کانپوءِ ان جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *