مني لانڊرنگ ڪيس، سرفراز مرچنٽ جي ضمانت ختم،لنڊن پوليس اسٽيشن ۾ حاضري

لنڊن (بيورو) مني لانڊرنگ ڪيس جي اهم ڪردار سرفراز مرچنٽ جو ضمانت وارو مدو پورو ٿيڻ تي لنڊن پوليس جي سامهون حاضري ٿي. سرفراز مرچنٽ کان ويسٽ لنڊن پوليس اسٽيشن ۾ پڇا ڳاڇا هلندڙ آهي، گذريل سال لنڊن ۾ گرفتاري کانپوءِ سرفراز مرچنٽ کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.سرفراز مرچنٽ جو ضمانت وارو مدو اڄ پورو ٿيو جنهن تي هن کي لنڊن پوليس جي سامهون حاضري ڏيڻي پئي.مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي حاضري کانپوءِ ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *