مني بجيٽ سان 160 ارب جو بار عوام تي پوندو، مهانگائي اڃا وڌندي: سنڌ حڪومت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني چيو آهي ته مني بجيٽ مان 2 ارب نه بلڪي 160 ارب روپين جو بوجهه عوام تي پوندو، دوائن جي خام مال تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ سان وڌيڪ مهانگائي ٿيندي، سنڌ ۾ اپوزيشن جماعتن کي سنڌ ۾ بدامني ڦهلائڻ ۽ صوبي جي ماڻهن کي وڙهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. بدمعاشي، دادگيري ۽ دهشتگردي کي شرافت جو نالو ڏيڻ وارو وسيم اختر ۽ ان جي ايم ڪيو ايم کي هن صوبي جو ٻار ٻار سڃاڻي ٿو ته هو ڇا هئا. وفاقي حڪومت جي خلاف پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ اسان وٽ احتجاج لاءِ گورنر هائوس آهي ان جي ٻاهر اسان پڻ احتجاج ۽ ڌرڻو هڻي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي ي لالا رحيم ۽ سردار نزاڪت پڻ ان سان ساڻس گڏ هئا. سعيد غني چيو ته عوام جي مٿان مهانگائي جو بم ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻڌون پيا، ڪالهه ناڻي واري وزير چيو ته عوام تي ٻه ارب جو بوجهه پوندو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته 160 ارب روپين جو بوجهه عوام تي پوندو. هن چيو ته دوائن جي خام مال تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ سان وڌيڪ مهانگائي ٿيندي. هن چيو ته اهي دعويٰ ڪندا آهن ته ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي پر انهن صنعتن جي سامان تي 112 ارب جا ٽيڪس لڳايا آهن. سعيد غني چيو ته بجلي، گيس، ڊالر، کنڊ سميت روزانو استعمال ٿيندڙ سموريون شيون مهنگي ٿيون آهن. اٽو، ڊيزل پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ان جو براه راست بوجهه عوام جي کيسن تي پئجي رهيو آهي. سعيد غني چيو ته ڪالهه ڪابينا مني بجيٽ منظور ڪيو هن وقت ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ انهن جماعتن جي ميمبرن ان اجلاس ۾ موجود هئا، جيڪو عوام جي تڪليف رکڻ ۽ عوامي خدمت گذار ٿيندي گهمندا رهن ٿا پر هنن مخالفت ڇو ڪئي ۽ هاڻي اهو ڊرامو ڪندا. انهن کي صرف موبائل فون ڪالز تي پنج سيڪڙو ٽيڪس تي اعتراض آهي. عوامي مسئلن تي هاڻي منهن مان هڪ لفظ ناهي نڪرندو. سعيد غني چيو ته انهن کي ٽاسڪ مليو آهي شهر جو امن خراب ڪن. سعيد غني چيو ته وسيم اختر چئي رهيو هو ته اسان شريف ماڻهو آهيون، ڪراچي ۾ رهڻ واري ٻار ٻار کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم ڪيتري شريف آهي، اها الگ ڳالهه آهي ته وزيراعظم ان کي نفيس ماڻهو قرار ڏنو. ان جا قصا ته لنڊن تائين مشهور آهن. هن چيو ته مني بجيٽ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين تي انهن ٽيڪس وڌائي ڇڏيو آهي.، اهو 6 مهينا اڳ ڪجهه ۽ بعد ۾ ڪجهه ٻيو چون پيا.  سعيد غني چيو ته پي ٽي آئي جا اهي 10 کان 15 ماڻهو جنهن کي عوام وٽ وڃڻو آهي هو هن مني بجيٽ تي احتجاج ڪندا ۽ بجيٽ کي رد ڪن پر ايم ڪيو ايم کان اسان کي ڪائي اميد نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوليس جي روٽيشن پاليسي ڪالهه ڪابينا منظوري نه ڏني بلڪي ڪابينا ان حوالي سان ڪميٽي ٺاهي آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وزير اعليٰ وائس چانسلرز کي لڳائڻ جو اختيار رکندا آهن، پر هن سرچ ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا جائزو وٺندي ۽ ان جي فيصلي جي تحت فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ پنهنجو اختيار سرچ ڪميٽي کي ڏنو آهي. مڪاني قانون تي اپوزيشن جماعتن جي احتجاج جي سوال تي سعيد غني چيو ته جڏهن مڪاني قانون اسيمبلي ۾ پيش ٿيو ته انهن ڊرامو ڪيو. هن چيو ته قانون ۾ ترميم جو واحد فورم اسيمبلي آهي پر هو اسميبلي ۾ احتجاج جو ڊرامو ڪري ٻاهر هليا ويندا آهن ۽ ٻاهر اچي ڪري شور شرابو ڪندا آهن. هن چيو ته هاڻي به وڌيڪ ترميم ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن اسيمبلي ۾ ترميمون پيش ڪيون وڃن. هڪ سوال تي سعيد غني چيو ته عوام دشمن بجيٽ ۽ وفاقي حڪومت جي نااهلي جي خلاف پڻ مظاهرا ڪري رهي آهي، اپوزيشن سنڌ اسيمبلي مظاهرو ڪن يا وزيراعليٰ هائوس جي ٻاهران ڌرڻو ڏين. اسان به ڌرڻو هڻي سگهون ٿا ۽ اسان پڻ گورنر هائوس جي ٻاهر احتجاج ڪري سگهون ٿا. قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ جي پيش ٿيڻ ۽ ان تي پيپلز پارٽي جي موقف جي سوال تي هن چيو ته اسان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف سميت سمورا اڳواڻ ووٽنگ ۾ حصو وٺندا. هڪ سوال تي هن چيو ته هن نالائق حڪومت کي عوام جڏهن گاريون ڏيندو آهي ته انهن وٽ جواب ناهي هوندو صرف سنڌ حڪومت، سنڌ حڪومت چوڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. ڊي جي ڪي ڊي اي جي اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتاري جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊي جي ڪي ڊي اي  جو ٽرانسفر پوسٽنگ جو اشو آهي، باقي تفصيل اينديون ته پوءِ ڳالهه ڪندم. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن ان کي گرفتار ڪيو ۽ هاڻي عدالت جو ڪم آهي ته هو ان تي ڇا ڪارروائي ڪري ٿي. برحال، هر اداري جي سربراهه کي محدود اختيار هوندا آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *