مني بجيٽ سان 150 کان وڌيڪ شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي عوام نااهل حڪمرانن جي چهرن کي ياد رکي: شيري رحمان

لاهور: (م.ڊ) پيپلز پارٽي جي نا.ئب صدر شيري رحمان چيو آهي ته مني بجيٽ سان 150 کان وڌيڪ شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. عوام هن نااهل حڪمرانن جي چهرن کي ياد رکي جيڪي هنن مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائي رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تباهي سرڪار جو منشور ۽ دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. مني بجيٽ سان سڌو سنئون عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿيون آهن. 2 مهينا اڳ وزيراعظم 150 ارب جي سبسڊي جو اعلان ڪيو هو. هاڻ حڪومت چوي ٿي ته مني بجيٽ سان غريب تي صرف 200 ارب جو بار پوندو. هن چيو ته دوائون، فصلن جا ٻج، مشينري، اسٽيشنري، ڪتاب، ٻارن جو کير ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگيون ڪرڻ سان بني گالا تي اثر نه پوندو پر عوام تي اثر ضرور پوندو. عوام هن نااهل حڪمرانن جي چهرن کي ياد رکي جيڪي هنن مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي رهيا آهن. مني بجيٽ ۽ نااهل سرڪار کي اسان رد ڪريون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *