منيٰ سانحي ۾ 45 پاڪستاني حاجين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق، گم ٿيل 63 ڄڻن جو پتو نه پئجي سگهيو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) منيٰ سانحي ۾ 45 پاڪستاني حاجين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، گــُم ٿيل 63 ڄڻن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو جڏهن ته مڪي شريف ۾ علاج هيٺ 39 مان 29 پاڪستانين کي فارغ ڪيو ويو. حج جي سعادت ماڻڻ دوران منيٰ ۾ شيطان کي پٿريون هڻندي ڀاڄ سبب شهيد حاجين جو انگ 11 سئو ٿي ويو جن ۾ 45 پاڪستاني حاجي به شامل آهن. واقعي کانپوءِ پاڪستان جا 63 شهري اڃا تائين گم آهن جن جي ڳولا لاءِ پاڪستاني سفارتخاني ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. مڪي شريف جي مختلف اسپتالن ۾ 39 پاڪستاني حاجين مان 29 ڄڻن کي فارغ ڪيو ويو جڏهن ته 10 حاجين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. مذهبي معاملن واري وزير سردار يوسف، مڪي جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ پاڪستاني حاجين جي عيادت ڪئي ۽ حج ڊائريڪٽوريٽ کي هدايت ڪئي ته زخمين جي خاص سار سنڀالي لڌي وڃي. هڪ خابرو اداري موجب شهيدن ۽ گم ٿيل ماڻهن جا انگ اکر مختلف ملڪن جي اختيارين ۽ ميڊيا ذريعي گڏ ڪيا ويا آهن. انگن اکرن موجب منيٰ سانحي ۾ ايران جا 228 حاجي شهيد ٿيا ۽ 246 گم آهن، جڏهن ته مصر جا 78 حاجي، ڀارت جا 45 ۽ انڊونيشيا جا 41 حاجي شهيد ٿيا. آمريڪي فلم نائيجريا جا 22، ڪيميرون جا 20، آئيوري ڪوسٽ جا 14، چاڊ جا 11، الجيريا جا 9 ۽ صوماليه جا 8 حاجي سانحي ۾ شهيد ٿيا. سينيگال جا 7، مراڪش جا 5، لييبا ۽ تنزانيه جا 4 – 4 ڪينيا جا 3 ۽ تيونس جا 2 حاجي منيٰ سانحي ۾ شهيد ٿيا. انگن اکرن موجب آئيوري ڪوسٽ جا 77، سينيگال جا 57، مراڪش جا 34 ۽ ليبيا جا 16 حاجي گم به آهن جن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *