منيٰ سانحي ۾ شهيد پاڪستاني حاجين جو انگ 44 ٿي ويو

مڪه مڪرمه(م.ڊ) مذهبي معاملن واري وزارت منيٰ سانحي ۾ 44 پاڪستاني حاجين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،جڏهن ته 60 کان وڌيڪ اڃا به گــُم آهن،جن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت، منيٰ سانحي جي شهيدن جي نئين لسٽ جاري ڪئي آهي. لسٽ موجب شهيدن ۾ ٻن ڄڻن جي واڌ ٿي آهي،جن ۾ شانگلا واسي حيدر علي ۽ حسنا بيبي شامل آهن. ٻئي طرف گم ٿي ويل 60 کان وڌيڪ پاڪستاني حاجين جا وارث سخت اذيت واري صورتحال کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. گم ٿي ويل پاڪستاني حاجين جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي دانهيو ته هو هر وقت پنهنجي پيارن جي خيريت جي خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ آهن،پر مذهبي معاملن جي وزارت پاران کين ڪابه ڄاڻ فراهم نه پئي ڪئي وڃي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب سعودي اختياريون گم ٿيل پاڪستانين بابت ڪابه معلومات فراهم نه ڪري رهيون آهن،جنهنڪري ڏکيائيون پيش اچن پيون. ٻئي طرف منيٰ ۾ شهيد ٿي ويل ڪجهه پاڪستانين جي تدفين جو سلسلو به جاري آهي،ملتان جي شهيد عزيزه بي بي جي تدفين سندس ڀاءُ سعودي عرب ۾ ڪرائي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *