
نئين دلي(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽر منيش پانڊي ۽ اداڪارا اشريتا شيٽي ٻه ڊسمبر تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.ڀارتي ميڊيا موجب شادي جي تقريب ۾ ٻنهي جي مائٽن سميت ويجها دوست سرڪت ڪندا جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر پڻ شادي ۾ شرڪت ڪندا.اشريتا شيٽي ڀارت جي اڀرندڙ اداڪارا آهي جنهن اندر اجيتاوراين ايڇ 4 جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڪنهن ڀارتي ڪرڪيٽر جي اداڪارا سان شادي ٿي رهي آهي، ان کان اڳ ويرات ڪوهلي، ظهير خان، هرڀجن سنگهه، اظهرالدين ۽ ٻيا پڻ ان فهرست ۾ شامل ٿي چڪا آهن.