منهنجي ڳالهه عوام تائين نه پهتي، عوام کي ڪيئن خبر پوندي ته مخالف ڌر اڳواڻ جو ردعمل ڪهڙو هو؟ : خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه سندس تقرير بليڪ آئوٽ ڪرڻ تي اسپيڪر سان سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته 400 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ختم ڪري لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر اڄ تائين نه ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي آهي ۽ نه ئي وري پيٽروليم وارين شين جا اگهه گهٽايا ويا آهن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سومر واري ڏينهن منهنجي تقرير کي بليڪ آئوٽ ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي وزير پرويز رشيد جي تقرير سڌي سنئين ڏيکاري وئي، هن چيو ته مان گذريل ڏينهن ايوان ۾ جيڪي به ڳالهايو،اهو عوام تائين نه پهچي سگهيو، عوام کي ڪيئن خبر پوندي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جو ردعمل ڪهڙو هو؟ هن چيو ته اسپيڪر منهنجي تقرير بليڪ آئوٽ ڪرڻ تي رولنگ ڏئي، هو سڌي ريت نشريات بابت جيڪو به فيصلو ڪندو، اهو قبول هوندو، مخالف ڌر جي اڳواڻ جي احتجاج تي اسپيڪر اياز صادق ايوان جي ڪارروائي سڌي ريت نشر ڪرڻ واري معاملي تي صلاح مشوري لاءِ اربع واري ڏينهن (سڀاڻي) اجلاس گهرائي ورتو آهي. قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران خورشِيد شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم چوي ٿو ته پٽاٽي جو اگهه 5 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، جنهن ملڪ جي سربراهه کي غربت ۽ بنيادي شين جي اگهن جي خبر نه هجي، ان ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ سندس چوڻ هو ته تيل جا اگهه وڌائڻ کانپوءِ به سرڪلر ڊيٽ 300 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، حڪومت ٻڌائي ته ان عوام کي اڄ تائين ڪهڙو رليف ڏنو آهي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *