منهنجي شڪار لاءِ ڪوئا نڪتا آهن، هڪ بال سان ٽئي وڪيٽون اڏائي ڇڏيندس: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد جي سنڌ هائوس ۾ ماڻهو نوٽن جا بيگ کڻي ضمير خريدڪرڻ لاءِويٺا آهن اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڇا آئين ۾ هارس ٽريڊنگ جي اجازت آهي، اپوزيشن کي خوف آهي عمران خان ٿورڙي دير اڃا ڪئي ته هي جيل ويندا جيڪڏهن هي ماڻهو ڪامياب ٿي ويا ته پهريون ڪم نيب کي ختم ڪرڻو پوندو منهنجي شڪار لاءِ 3 ڪوئا نڪتا آهن مان ٽنهي جو شڪار ڪندس اسلامو فوبيا جي خلاف پاڪستان جو ٺهراءُ 57 ملڪن پيش ڪيو ۽ صبح کان سڀني مسلم دنيا کان مبارڪون ملي رهيون آهن فضل الرحمان جنهن کي يهودي چوندو هو هن اهو ڪم ڪيو جيڪو اوهان 30 سالن ۾ نه ڪري سگهيا نوازشريف جڏهن پرچيون وٺي آمريڪي صدر جي سامهون ويٺو هو هڪ پرچي اسلامو فوبيا جي به وٺڻي هئي جلسي کي خطابڪ ندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلدياتي اليڪشن اچي رهي آهي رڳو انهن ماڻهن کي ووٽ ڏيڻو آهي جيڪي بيٽ جي نشان تي بيٺا آهن ۽ جيڪي بيٽ جي خلاف بيٺا آهن انهن کي درخواست آهي ته انهن کي ويهڻ گهرجي ڇو ته اسان کي هي اليڪشن کٽڻي آهي هن چيو ته اڄ منهنجي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي الله جو خاص سڪر ادا ڪيو ڇو ته مان ۽ منهنجي ٽيم پاڪستان جو پرڏيهي دفتر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گڏيل قومن ۾ اسان جو سفير منير اڪرم ٽن سالن کان ڪوشش ڪري رهيا هئا ته اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل قومن ۾ ٺهراءُ پاس ٿئي هن چيو ته نائين اليون کان پوءِ مسلمانن جي خلاف اولهه ۾ هڪ نفرت جي لهر هلي ان دهشتگردي ۽ اسلام کي گڏ ڪيو دهشتگردي جو ڪوبه دين ناهي ٿيندو هن چيو ته اسلام ۽ دهشتگردي جو ڪو تعلق نه آهي ان جي باوجود انهن گڏ ڪيو اهڙو تاثر ڏنو جو اسلام جي ڪري دهشتگردي آهي ٻيو اهي اسان جي نبي سڳوري جي شان ۾ گستاخي ڪندا هئا ۽ جيڪو به ان جي خلاف مظاهرو ڪري ته اهي آزادي راءِ جي نالي تي اسان کي گهٽ وڌ چوندا هئا وزيراعظم چيو ته اسان ٽي سال ڪوشش ڪئي ۽ او آئي سي جي اجلاس ۾ سڀ کان پهريان 3 سال اڳ مان پنهنجن سمورن مسلمان ملڪن کي چيو ته اسان کي گڏجي هر فورم تي ان جي خلاف ڳالهائڻ گهرجي هن چيو ته ان کان پوءِ گڏيل قومن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن پاڪستان جي سربراهه اسلامو فوبيا جي خلاف ڳالهه ڪئي ۽ مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو جڏهن به ڪوئي پاڻ سڳورن جي شان ۾ گستاخي ڪندو هو ته اسان جا نوجوان رستن تي نڪري ايندا هئا ڀڄ ڊاهه ڪندا هئا پر ڪوبه فرق نه پوندو هو هن چيو ته گذريل ڏينهن هي فيصلو ٿيو، گڏيل قومن جو ٺهراءُ ٿيو اسلامو فوبيا جي خلاف پاڪستان جي قرارداد 57 ملڪن پيش ڪئي ۽ صبح کان سڀ مسلمان دنيا مان مبارڪون ملي رهيون آهن هنچ يو ته اسلامو فوبيا جو سڀ کان وڌيڪ نقصان جيڪو مسلمان اولهه ملڪن ۾ هو ان کي ٿيندي ڏٺو ڏاڙهي وارو نڪرندو هو ته انک ي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا مسلمان عورت حجاب ڪندي هئي ته ان کي گاريون ڏيندا هئا ۽ اڄ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ۽ مسلمان خوش آهن هن چيو ته گذريل ڏينهن ڀارت ۾ عدالت فيصلو ڪيو ته مسلمان ڇوڪريون حجاب نٿيون ڪري سگهن ان کي اسلامو فوبيا چون ٿا، مسلمان ڇوڪرين کي حجاب ڪرڻ کان عدالت منع ڪري ڇڏيو وزيراعظم چيوت ه اسلام آباد جي سنڌ هائوس ۾ ماڻهو نوٽن جا ٿيلها کڻي ضمير خريد ڪرڻ لا3 ويٺا آهن سنڌ جي عوام جو پئسو ٻوريون ڀري کڻي آيا آهن سنڌ مان گارڊ به پاڻ سان گڏ آندا آهن ته جيئن ڪو اندر نه اچي دنيا جي سامهون بي شرمي سان اسان جي ماڻهن کي خريد ڪرڻ آيا آهن ماڻهن جي ضمير جاواڪ ڏنا پيا وڃن قوم تي لازم آهي ته برائي جي خلاف اٿي پوي اليڪسن ڪميشن کان به پچان ٿو ته ڇا آئين ۾ هارس ٽريڊنگ جي اجازت آهي وزيراعظم عمران خان چيو ته مولانا فضل الرحمان دين جي نالي تي سياست ڪري ٿو ان کان سوال ڪريان ٿو ته اوهان 30 سال هر حڪومت ۾ شامل رهيا ڇا ڪڏهن به ڪنهن اولهه اڳواڻ جي سامهون اسلامو فوبيا جي خلاف ڳالهه ڪئي. جنهن کي يهودي سڏيندو هو هن اهو ڪم ڪيو جيڪو اوهان 30 سالن ۾ به نه ڪري سگهيا هي مدرسن جي ٻارڙن کي منهنجي خلاف ڪڍي ٿو چوي ٿو ته هي يهودي لابي آهي اڄ گڏيل قومن تسليم ڪيو ته دنيا کي اسلامو بوبيا جي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي هن چيو ته 100 گدڙن جو قوم جنهن جو سردار شينهن هجي اها قوم کٽي ويندي ۽ 100 شينهن جي قوم جنهن جو ليڊر نوازشريف جهڙو هجي اها نه کٽندي. عمران خان چيو ته سڀ چور هڪ پاسي ٿي ويا انهن مون کي موقعو ڏنو هاڻي هڪ بال سان 3 وڪيٽون ڪرنديون 3 ڀيرا وزيراعظم رهڻ جا ٻار ٻاهر ويندا آهن چون ٿا ته اسان پاڪستاني شهري نه آهيون ملڪ کان ٻاهر جي پراپرٽي جي هڪ رسيد نه ڏيکاري سگهيا ان جو منشي اسحاق ڊار سوٽ پائي انک ي چوي ٿو ته مان به اوهان وانگر آهيان مان به انگلش ڳالهايان ٿو جڏهن عدالت پڇا ڪري ٿي ته پئسو ڪٿان آيو ته شهبازشريف جي چيلهه ۾ تڪليف ٿي وڃي ٿي وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته اسان جي دور ۾ زراعت ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسو آيو ڪڻڪ مئي ۽ سارين جو رڪارڊ فصل لٿو ملڪ ۾ 50 سالن کان پوءِ نوان ڊيم ٺهي رهيا آهن جنهن سان زراعت ۾ انقلاب ايندو ۽ ماڻهن کي پاڻي ملندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *