منهنجي زندگي ۾ محبت به ايندي پر صحيح وقت تي: ڪترينا ڪيف

 

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف چيو آهي ته ان کي يقين آهي ته ان جي زندگي ۾ هڪ ڏينهن محبت ضرور ايندي پر صحيح وقت تي، اداڪارا ڪترينا ڪيف جو شمار هالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪارائون ۾ هوندو آهي جنهن وٽ شهرت ۽ دولت جي ڪا به ڪمي ناهي، جيئن ته پروفيشنل زندگي ۾ ڪامياب اداڪارا ڪترينا ڪيف جي نجي زندگي ايتري به خوشگوار ناهي، جڏهن ته هن هڪ انٽرويو دوران ڪترينا ڪيف پنهنجي نجي زندگي بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌايون، ڪترينا ڪيف شادي  ۽ ٻارن جي حوالي سان ٻڌائيندي چيو هڪ سٺو وقت هو جڏهن شادي ۽ ٻارن بابت سوچي رهي هئس پر ائين نه ٿيو جيڪو مان سوچيو هو، اداڪارا چيو مان ڪيترائي ڀيرا پاڻ سان جنگ وڙهي آهي ۽ آخر ڪار جڏهن شئيون منهنجي اميد موجب نه ٿيون ته مان الله تي ڇڏي ڏنو، ڇو ته مونکي يقين آهي ته ڪير ته آهي جيڪو توهان جا رستا چونڊ ڪندو آهي، اداڪارا ڪترينا ڪيف رنبير سان گڏ پنهنجي ناڪام محبت جي باري ۾ چيو ته مونکي يقين آهي ته هڪ ڏينهن محبت منهنجي زندگي ۾ ضرور ايندي پر صحيح وقت تي، جڏهن منهنجي ان کي سڀني کان وڌيڪ ضرورت هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *