منهنجي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ڪٽنب سان سياست ڪريان: ذوالفقار مرزا

بدين (ڊ.ر) سنڌ جي اڳوڻي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته منهنجي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي خاندان جي سان سياست ڪريان ۽ زرداري ليگ سبب سندن درميان جيڪي وڇوٽيون پيدا ٿيون آهن، انهن کي ختم ڪرايان پنهنجي رهائش گاهه تي گهرايل تڪڙي  پريس ڪانفرنس ۾ تازو ضلع مان ضلع ڪائونسل جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ حاميميمبر سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته آئون سنڌ ۾ هر اها سياست ڪندس جيڪا سنڌ ۽ عوام جي مفاد ۾ هوندي هن چيو ته بدين جي عوام سنڌ ۾ زرداري ليگ جي ڪرپشن خلاف ووٽ ڏئي نئين تاريخ لکي آهي بدين ۾ ايس ايس پي حڪومتي ڌر جو حامي بڻيل رهيو هن منهنجي ڌي جيڪا اميدوار پڻ هئي کي پولنگ اسٽيشن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هن چيو ته   بدين  ۾ اسان ضلع ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ واضع اڪثريت آهي هن وقت اسان وٽ 34 ضلع ڪائونسل جا ميمبر آهن جڏهن ته زرداري ليگ وٽ  28 ميمبر آهن جڏهن ته سندس ڪجھ ميمبر به اسان سان رابطي ۾ آهن جڏهن ته هڪ يوسي جي رڪيل رزلٽ ۽ ملتوي ڪيل ٽن يونين ڪائونسلن تي به اسان جا حامي ميمبر ڪامياب ٿيندا هن چيو ته جيڪڏهن ته بدين ضلع ۾ حڪومتي مشينري اسان جي فتح کي شڪست ۾ بدلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جو ان جو سخت احتساب ڪنداسين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته مخدوم امين فهيم وڇوڙو جهموريت لاءِ نقصان آهي سندس وڇوڙي سان مون کي رنج ۽ غم پهتو آهي هڪ سوال جي جواب چيو ته ڪمند جو 180 روپيه في مڻ انتهائي گهٽ آهي آئون شگر مل مالڪ آهيان تنهن هوندي به مطالبو ٿو ڪريان ته ڪمند جو اگھ في مڻ 200 رپيه مقرر ڪيو وڃي ۽ اهو به چتاءُ ٿو ڏيان ته سنڌ حڪومت 200 روپيه في مڻ مقرر نه ڪيو ته سندس گهيراءُ ڪيو ويندو ان موقعي تي مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ذوالفقار راهو علي احمد جوکيو فنڪشل ليگ جو محمد شريف نظاماڻي پير حامد شاه راشدي ارباب گروپ جو عزيز ڏيرو حسام مرزا ۽ ٻيا به موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *