منهنجو جھيڙو آصف زرداري سان آهي، ان جي کير پياڪ حوارين سان نه : ذوالفقار مرزا

بدين (ڊ.ر) ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته منهنجو جھيڙو آصف زرداري سان آهي. ان جي کير پياڪ حوارين سان نه آهي. سنڌ منهنجو ايمان آهي. زرداري 11 سال جيل ۾ به عيش و آرام سان گذريا جيل جون اذيتون ۽ سختيون هن نه ڏٺيون. سنڌ ۾ شهيد محترمه جي سيڪورٽي منهنجي حوالي هئي، ڪارساز سانحي ۾ مون پنهنجي زندگي خطري ۾ وجھي شهيدبينظير ڀٽو کي باحفاظت بلاول هائوس پهچايو پنڊي ۾ زرداري جا ساٿاري شهيد بينظير تي حملي وقت ڀڄي ويا هئا اهڙو اظهار هن بدين جي ملوڪ شاهه پاڙي ۾ مرزا گروپ پاران وارڊ نمبر 7 جي ميونسپل ڪميٽي جي اميدوار محمد رحيم کٽي پاران سڏايل وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته آئون وارڊ نمبر 7 ميونسپل ڪميٽي جي اميدوار رحيم کٽي کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته   جو هزارن جي تعداد ۾ سندس حمايت ۾ ماڻهو گڏ ٿيا آهن ضلعي سميت سموري سنڌ جي عوام منهنجي ساٿ ڏئي ته گڏجي سنڌ ۾ ڀتا خوري ڪرپشن ڪندڙ ۽ دهشتگردن جو صفايو ڪري سنڌ کي امن جو گهر بڻائي سگھجي ٿو. بدين جي عوام سان اسان جو رشتو خوشين، غمين، جيئڻ ۽ مرڻ جو آهي بدين منهنجو گهر آهي ۽ اسان ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. منهنجو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي جيڪو رشتو ڪڏهن به ٽٽي نٿو سگهي. ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن سميت هزارين  نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ۽ ضلعي ۾ 980 غريب ماڻهن کي بجلي جون  اسڪيمون ۽ بدين گولارچي، ڪڍڻ، لنواري، ترائي، ڏندو، تلهار ۽ سوين شهرين  ۽ ڳوٺن تي گئس جي سهولت مهيا ڪئي. بدين گولاڙچي ۽ ٽنڊوباگو ۾ سرڪاري خالي پيل پلاٽن تي شهيدن جي نالي سان وڏا پارڪ ٺهرائي عوام کي سير تفريح جي سهولت ڏني. عوام لٽيرن، قبضه گيرن ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي هرگز ووٽ نه ڏيندو. بدين ضلعي مان مرزا گروپ جا نامزد اميدوار  ڪامياب ٿيندا ۽ ضلعي مان زرداري ليگ جو صفايو ڪيو ويندو. ان موقعي  ميونسپل  وارڊ نمبر 7 جي اميدوار رحيم  کٽي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ مونکي يقين ٿي ويو آهي هن وڏي عوامي ميڙ جي اچڻ تي شير سنڌ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪاميابي آهي. عوام جي ووٽن سان ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪندس. هن وارڊ جي عوام جي بنيادي مسئلن پاڻي، بجلي گئس، ڊرينييج، گھٽين روڊن جي حل لاءِ آئون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سرپرستي ۽ قيادت ۾  هڙان وڙان پتوڙيندس. عوام ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ان جي نامزد  اميدوارن کي ڪامياب ڪري سڄو ضلعو ڪلين سوئيپ ڪيندو. ان موقعي  تي ڊاڪٽر عبدالخالق کٽي، نورمحمد نوتڪاڻي، عمران سومرو، رئيس عبدالقادر گوپانگ، غلام حسين انصاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏه ته پنڊال ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار جي اچڻ تي هزارين ماڻهن اٿي بيهي آيو آيو مرزا آيو، آيو آيو شير آيو  جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ۽ گلن جي ورکا ڪئي سون جي تعداد ۾ کيس اجرڪون اوڍايون ويون. عبدالقادر بلوچ پاران کيس پٽڪو پارايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *