
ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا رابعه بٽ چيو آهي ته مان پنهنجو ڪم انتهائي ايمانداري سان ڪندي آهيان ۽ ايندڙ سيريل ”غريب ڪا دل“ ۾ نظر اينديس.پنهنجي ايندڙ سيريل بابت اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته ان سيريل ۾ غربت تي روشني وڌي ويندي، سيريل ۾ منهنجو ڪردار تمام خوبصورت آهي ۽ اهو ماڻهن کي ضرور متاثر ڪندو.هن چيو ته پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته توهان پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيو، ماضي ۾ منهنجا سيريل ڪامياب ٿيا آهن ۽ ”غريب ڪا دل“ به پنهنجو مثال پاڻ هوندو.سندس چوڻ هو ته ان سيريل ۾ منهنجو مک ڪردار آهي، جيڪو ڏسندڙن کي وڏو عرصو ياد رهندو.