منظور وساڻ جا خواب سچا ثابت ٿيندا آهن، فاروق ستار ۽ شرجيل جو معاملو الڳ الڳ آهي: وڏو وزير

خيرپور (اين اين آءِ) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي خيرپور آمد، قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ سان ملاقاتون، وليمي ۾ شرڪت، وفاق کي آدمشماريءَ بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ مڪينزم جوڙڻ گهرجي، جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي تنهن کي آخر ۾ ڪير به قبول نه ڪندو، دمشماريءَ دوران هر بلاڪ بابت سمري فارم ڀري هر ماڻهوءَ جي معلومات لاءِ ويب سائيٽ تي رکيو وڃيپيپلزپارٽي ڪنهن جي جاگير ناهي، خدمتون ڪرڻ واري کي پارٽيءَ هميشه ڀليڪار چيو آهي اسين ڪنهن کي پارٽيءَ مان ڪڍندا نه آهيون، قيادت جو هر فيصلو قبول هوندو، شرجيل ميمڻ عدالتي ضمانت ڏيکارڻ بعد آزاد ٿيو ۽ هو سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندوفاروق ستار کي شرجيل جيان ضمانت ڪرائي عدالتي حڪمن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماريءَ بابت شڪايتن ۽ اعتراضن جي ازالي لاءِ وفاقي حڪومت کي ڪو مڪينزم جوڙڻ گهرجي، جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي تنهن کي آخر ۾ ڪابه ڌر قبول ڪونه ڪندي، هر بلاڪ جي ڪُل آبادي، مردن ۽ عورتن جي تعداد بابت معلومات حڪومت ڇا پر هر عام ماڻهوءَ لاءِ ويب سائيٽ تي رکڻ گهرجي، ته جيئن آدمشماري وارو عمل صاف ۽ شفاف يقيني بڻجي سگهي، خبر ناهي ڇو آدمشماري واري عمل کي تمام ڳجهو ۽ لڪ ڇپ ۾ رکيو ويو آهي، اسين سنڌ جي اعتراضن بابت آدمشماري بابت انچارج وزير ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جيلاني هائوس خيرپور ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هر ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ سينسز آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ته اُهي هر بلاڪ جي سمري انفارميشن ٺاهي اعتراضن ۽ شڪايتن لاءِ پڌري ڪن ۽ اُنهن انگن اکرن بابت ڪو ماڻهو شڪايت يا اعتراض ڪري ته اهي ٻڌڻ لاءِ ڪو هجي ۽ انهن جو ازالو ڪيو وڃي، ان سان صاف شفاف آدمشماري ٿي سگهندي ۽ ماڻهن جو ان تي اعتماد ٿي سگهندو، جيڪڏهن ماڻهن کي آدمشماري واري عمل تي بي اعتمادي هوندي ته پوءِ ان کي ڪير به قبول نه ڪندو. هن چيو ته جنهن طريقي سان هينئر آدمشماري ٿي رهي آهي، ان کي آخر ۾ ڪابه ڌر يا اسٽيڪ هولڊر قبول نه ڪندي سڀ ڪو چوندو ته اهو غلط ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه پيپلزپارٽي ڪنهن جي جاگير ناهي هيءَ ماڻهن جي پارٽي آهي ۽ ان ۾ خدمت ڪرڻ وارن کي هميشه ڀليڪار چيو ويندو ۽ جيسيتائين وٽن عوامي خدمت جو جذبو هوندو پارٽيءَ ۾ رهندا، پارٽي قيادت جيڪو به فيصلو هوندو اهو سڀني کي قبول هوندو. شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ۽ آزادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران مليل بيل آرڊر تحت پاڪستان آيو ۽ عدالت جو حڪم هو ته هو 20 تاريخ تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ ان کان اڳ کيس گرفتار نه ڪيو ويندو، اسين قانون کان مٿانهين ڪا به شيءِ نه ڪنداسين، کيس اطلاع آهن ته شرجيل ميمڻ سڀاڻي 20 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ هو عدالت جو فيصلو قبول ڪندو. اِن کان اڳ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اڳوڻي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه، پير فضل حسين شاهه غزاله سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پ پ اڳواڻ سيد جاويد علي شاهه جيلاني سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وساڻ هائوس خيرپور تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ، ضلعي چيئرمين شهريار وساڻ، منور وساڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وساڻ هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته فاروق ستار ڪجهه ڪيسن ۾ گهربل آهي، جنهن ۾ هُن ضمانت نه ورتي هئي، کيس گهرجي ته هو عدالت مان شرجيل ميمڻ جيان ضمانت حاصل ڪري ۽ عدالتي حڪمن جي پاسداري ڪري. بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ناليواري اديب ۽ شاعر مختيار ملڪ جي ڀائٽي ساگر امتياز ملڪ جي شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت پڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *