منصوبن ۾ گهڻي دير تي ڪاوڙ جو اظهار، هاڻي تڪميل جو وقت ڏنو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي جي 17 ضلعن ۽ 41 تعلقن ۾ 16.13 ارب رپين سان 113 صحت جي سهولتن جي فراهمي جي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. انهي وڏي پيماني ته صحت جي سهولتن جي شروع ٿيڻ سان سموري صوبي جي عوام کي وڏو فائدو رسندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ وزير اعليٰ هائوس ۾ صحت کاتي جي مختلف منصوبن جي جائزي بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينئر صوبائي ناڻي ۽ انرجي وارو وزير سيد مراد علي شاهه، وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، اي سي ايس ڊولپمينٽ اعجاز علي خان، وزير اعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري صحت سعيد مڱڻيجو، پروجيڪٽ ڊاريڪٽر ڊاڪٽر سريش، ڊي جي هيلٿ ۽ صحت کاتي او پي اين ڊي جا ٻيا آفيسرن شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي صحت واري سيڪريٽري اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 16.13 ارب رپين کان وڌيڪ جي مختلف منصوبا جن ۾ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر هسپتال (ڊي ايڇ ڪيو)، تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال (ٽي ايڇ ڪيو) جي اپ گريڊيشن بحالي ۽ مرمت ۽ 41 ٽراما سينٽرز قائم ڪرڻ جا پروجيڪٽ شامل آهن. هن چيو ته 4.5 بلين رپين جي منصوبي تحت بدين، شڪارپور، خيرپور ۽ مٺي جي ڊي ايڇ ڪيو جي  توسيع جي ڪمن جو آغاز ٿي چڪو آهي ۽ 1106.2 ملين رپين جي لاڳت سان بدين ڊي ايڇ ڪيو جو 96 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. انهيءَ کان سواءِ شڪارپور ڊي ايڇ ڪيو جي توسيع تي 942.94 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ٿيندڙ ڪم 78 سيڪڙو مڪمل آهي جڏهن ته 1610.67 ملين رپين سان خيرپور اسپتال جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انهن اسڪيمن تي ڪم ۾ وڏي دير ٿي آهي جيڪا ناقابل برداشت آهي ۽ هاڻ آئون چاهيان ٿو ته مون کي ڪم جي تڪميل جو وقت ٻڌايو وڃي. جنهن تي صحت واري سيڪريٽري وڏي وزير کي 31 ڊسمبر تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو، سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن جي کاتي پهريائين ئي 500 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي مڪمل خرچ ٿيڻ بعد انهن اسڪيمن لاءِ وڌيڪ فنڊز جاري ڪيا ويندا. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سريش اجلاس کي ٻڌايو ته ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ ڪوٽڙي جا ٽي ايڇ ڪيوز کي ڊي ايڇ ڪيو ليول تائين اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 1.5 ارب رپين جي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي، جنهن لاءِ 824.677 ملين رپيا جاري ٿيا هئا جنهن مان هلندڙ سال ۾ 772.637 ملين رپيا خرچ ٿيا آهن. اجلاس کي ڪارڪردگي رپورٽ بابت ٻڌائيندي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو ته ٽنڊو محمد خان اسپتال جو ڪم 70سيڪڙو، ٽنڊو الهيار اسپتال جو ڪم 90 سيڪڙو، جڏهن ته ڪوٽڙي اسپتال جو ڪم 99 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ اهو افتتاح لاءِ تيار آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته آئون انهن اسپتالن کي فعال ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ انهن اسپتالن جي توسيع ۽ اپ گريڊ تي لکين رپيا خرچ ڪرڻ جو مقصد تڏهن ئي حاصل ٿيندو جڏهن اهي پنهنجي علائقن جي ماڻهن کي صحت جون سهوليون مهيا ڪندا. سنڌ جي وڏي وزير صحت واري وزير کي هدايت ڪئي ته انهن اسپتالن کي جلد فعال بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻي. جنهن تي صحت واري وزير چيو ته دادو، ميرپورخاص، سانگڙ، ميرپورماٿيلو ۽ نوشهرو فيروز سميت 6 ضلعن جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتالن جي توسيع ۽ ترقي لاءِ 3.24 بلين رپين جي لاڳت سان شروع ٿيندڙ اسڪيمون مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ آهن ۽ دادو اسپتال جو ڪم 62 سيڪڙو، ميرپورخاص 72 سيڪڙو، ٺٽو 52 سيڪڙو، ميرپورماٿيلو 70 سيڪڙو، نوشهروفيروز 70 سيڪڙو، جڏهن ته سانگهڙ  اسپتال ۾ 100 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. وڏي وزير طرفان پڇا ڪيل هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته هن اسڪيم لاءِ هلندڙ سال ۾ 450 ملن رپيا مختص ڪيا ويا هئا، جڏهن ته هن منصوبي جي ڪارڪردگي جي بنياد تي وڌيڪ فنڊز به جاري ڪيا ويندا. پرجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سريش چيو ته مٽياري، عمر ڪوٽ، قمبر ۽ ڪنڌڪوٽ جي تعلقي هيڊڪورٽر اسپتالن کي اپ گريڊيشن لاءِ 3.6 بلين رپين جون اسڪيمون شروع ڪيون ويون هيون جنهن جو  45 کان 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ اسپتال جو ڪم  100 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي. منصوبا بندي ۽ ترقياتي کاتي کي ڪنڌڪوٽ اسپتال جي انتظامي منظوري لاءِ ڪانٽريڪٽ جاري ڪرڻ باقي آهي. وڏي وزير اي سي ايس ڊولپمينٽ اعجاز علي خان کي هدايت ڪئي ته هو هيلٿ ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪري ايڊمنسٽريٽو اپرو ئل جاري ڪرڻ وارن معاملن کي فوري طور تي حل ڪرائي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ تاخير سان ايهي عوامي مفاد جي منصوبا غير فعال آهن ۽ مان انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي کي برداشت نه ڪندس. سنڌ جي وڏي وزير صحت واري وزير کي 41 ٽي ايڇ ڪيوز ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ بابت پڇيو ته صحت واري وزير ٻڌايو ته انهن مان 18 ٽراما سينٽرز  جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي جڏهن ته باقي سينٽرز جو تقريبن 83 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هو جنوري 2016 کان سمورن اپ گريڊيڊ ااسپتالن ۽ ٽراما سينٽرز جو افتتاح ڪندو. هن چيو ته اها عوام جي خدمت آهي ۽ اسان عوام جي خدمت ۾ يقين رکون ٿا انهيءَ لاءِ هر منصوبي جي ڪوالٽي ۽ ڪم جي ڪارڪردگي ۽ مقرر وقت اندر ان  جي تڪميل جا معاملن کي ذاتي طور تي مانيٽر ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *