ممبئي اچي محسوس ٿيو ته سڀني کان ڊگهي ۽ وڏي قد جي آهيان: صوفي چوڌري

ممبئي (شوبز نيوز) لنڊن ۾ اک کولي وڏي ٿيندڙ بالي وڊ اداڪارا ۽ ڳائڻي صوفي چوڌري چيو آهي ته جڏهن هوءَ ممبئي آئي هئي ته کيس محسوس ٿيو ته هوءَ سڀني کان ڊگهي ۽ وڏي آهي، ممبئي ۾ صحت بابت هڪ پينل مباحثي۾ حصو وٺندي صوفي چيو ته لنڊن ۾ ٻن ٽن ديسي ڇوڪرين کانسواءِ باقي سڀ ڊگهيون ۽ سنهڙيون سيپڪڙيون هيون، مان به محسوس ڪيو ته مان به انهن جيان ئي آهيان،پوءِ مان جڏهن ممبئي آيس ته مان پاڻ کي سڀني کان ڊگهي محسوس ڪيو، سندس چوڻ هو ته مان جڏهن ايم ٽي وي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته مونکي نظر آيو ته ممبئي ۾ سڀ ڇوڪريون ننڍي قد واريون ۽ سنهڙيون آهن ۽ مان انهن سڀني کانم ڊگهي آهيان، صوفي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته مان سنهڙي هجان پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مان  سيپڪڙي يا ڏانڊيءَ جهڙي آهيان، هن ٻڌايو ته منهنجي چيلهه ڀلي سنهي نه هجي پر ڄنگهون ۽ ٻيو سڄو جسم فٽ فاٽ آهي، صوفي چوڌري چيو ته مان پنهنجي جسم مان مطمئن ۽ ٻين ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ مختلف آهيان، جيڪو منهنجو اثاثو آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *