ملڪ ۾ 40 سيڪڙو اين جــِي اوز اڻ رجسٽرڊ آهن:چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پرڏيهي اين جي اوز کي 6  مهينن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته 6  مهينن تائين سيو دي چلڊرين سوڌو سڀئي اين جي اوز قانون تحت ڪم ڪنديون رهنديون، جيڪي اين جي اوز 6  مهينن تائين نون قانونن هيٺ رجسٽريشن نه ڪرائينديون يا جن اين جي اوز کي اسان روڪينداسين اهي ملڪ ۾ ڪم نه ڪري سگهنديون، ڪنهن اين جي اوز کي ملڪي ۽ اسلامي قدرن خلاف ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، . ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار علي  خان چيو ته سيو دي چلڊرين تان پابندي هٽائڻ جو ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو، ڪڏهن به نه چيو هو ته سيو دي چلڊرين ملڪ دشمن آهي، اها اين جي او 7 9 9 1  کان رجسٽرڊ آهي، 2 1 0 2 ع ۾ سيو دي چلڊرين خلاف انٽيليجنس شڪايتون مليون هيون، ڪو غلط فهمي ۾ نه رهي ته اين جي اوز جي آڙ ۾ ڪنهن کي ملڪي مفاد خلاف ڪم ڪرڻ ڏينداسين، ملڪ ۾ اين جي اوز بابت پهرين ڪو قانون نه هو، هاڻ حڪومت اين جي اوز بابت گهڻيون پاليسيون ٺاهي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀني اين جي اوز کي ملڪي قانونن ۾ رهندي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ ڪافي اين جي اوز سٺو ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ڪجهه اين جي اوز ملڪي مفاد خلاف به ڪم ڪري رهيون هيون، حڪومت اين جي اوز بابت نيون پاليسيون آڻي رهي آهي، سٺا ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي ساراهينداسين، ميڊيا کي به خبر ڏيڻ وقت ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، چوڌري نثار علي خان چيو ته پاڪستان ۾ هزارين اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان 0 4  سيڪڙو غير رجسٽرڊ آهن، پاڪستان ۾ اين جي اوز 10 کان 18 قانون استعمال ڪن ٿيون. گهرو وزير چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اين جي اوز کي باقاعدا مضبوط نظام تحت آندو پيو وڃي. وزيراعظم جي فيصلي تي اين جي اوز جا سڀ معاملا گهرو وزارت ڏسندي، اين جي اوز جي رجسٽريشن جو طريقيڪار سادو ۽ آن لائين هوندو، اين جي اوز جي احتساب ۽ شفافيت جو مناسب نظام قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته سيو دي چلڊرين تي پابندي هٽائڻ جو اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو، غير منظور ٿيل اين جي اوز کي ويزا به جاري نه ڪنداسين، چوڌري نثار علي خان چيو ته سيو دي چلڊرين 7 9 9 1 ع کان رجسٽرڊ اين جي او آهي، 2012ع ۾ سيو دي چلڊرين جي حوالي سان انٽيليجنس رپورٽ سامهون آئي، گذريل حڪومت ان رپورٽ تي ايڪشن ڇو نه ورتو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *